اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهرا بلوچ چيو آهي ته ڪنهن غير ملڪي قوت کي ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف اڏا ڏيڻ جو ڪو به ارادو ناهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ اهڙيون ڳالهيون بي بنياد آهن. ممتاز زهرا هفتيوار بريفينگ ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪي وفد تازو ئي پاڪستان جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ٻطرفي تعلقات وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان آمريڪا سان گڏيل تجارت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکندو. پاڪستان اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت ۽ غيرقانوني آبادڪاري جي مذمت ڪري ٿو. سيڪيورٽي ڪونسل کي غزا جو گهيرو فوري ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.  وزير اعظم شهباز شريف کي گيمبيا وڃڻو هيو مصروفيتن سبب پلان تبديل ٿيو. ڀارت جي حوالي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت کي مشورو آهي ته اهڙن قدمن کان پاسو ڪري جن سان ايل او سي تي امن خراب ٿئي، ڀارت ۾ منشيات اسمگلنگ ۾ پاڪستانين جي گرفتاري جي رپورٽس ڏٺيون آهن تفصيل ملڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ رد عمل ڏنو ويندو. هن شهزاد اڪبر جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته پنهنجي شهرين کي نشانو بڻائڻ اسان جي پاليسي ناهي شهزاد اڪبر جا الزام بي بنياد ۽ سياسي آهن.