ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار رينجرز جي مدي ۾6 مهينا واڌ، گاڏين لاءِ پريميئم نمبر پليٽس متعارف ڪرائڻ، ايس آءِ يو ٽي سکر جي ايم آر آءِ سسٽم جي خريداري لاءِ 1.5 ارب رپيا مختص ڪرڻ ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي بقايائن جي ادائگي لاءِ 10.189ارب رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪالهه  وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ايڪسائيز واري وزير شرجيل ميمڻ تجويز ڏني ته گاڏين لاءِ پريميئم نمبر پليٽ متعارف ڪرائي وڃي. في الحال کاتي پاران ٽن قسمن جون  نمبر پليٽس جاري ڪيون پيون وڃن  پيش ڪئي وئي آهي، جن ۾ ڪمرشل، نان ڪمرشل ۽ موٽرسائيڪلن لاءِ نمبرز شامل آهن. سال 22-2021 ۾ کاتي 71645 چونڊ نمبر جاري ڪيا، چونڊ نمبر في ذريعي 44 ملين رپيا آمدني ٿي. شرجيل ميمڻ چيو ته 10 سيڪڙو موٽرسائيڪل سوار به ذاتي پسند نمبر چونڊين ته ساليانو 2 کان 3 ارب رپيا آمدني ٿي سگهي ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دبئي ۽ ٻين ملڪن جيان هتي پريميئم نمبر پليٽن جا 3 قسم پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور هوندا، پلاٽينم نمبر پليٽن ۾ وڌ ۾ وڌ ٽي اکر ۽ قيمت 20 لک رپيا آهي، گولڊ نمبر پليٽن ۾ وڌ ۾ وڌ پنج اکر ۽ بنيادي قيمت 10 لک رپيا آھي، جڏھن ته سلور نمبر پليٽس ۾ وڌ ۾ وڌ ست اکر ۽ بنيادي قيمت 50000 رپيا آھي، ڪابينا انهي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي،  صحت کاتي پاران ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن  ڪراچي لاءِ انٽيگريٽيڊ هاءِ فائل (1.5تيلسا) ايم آر آءَ سسٽم ۽ ايس آءَ يو ٽي سکر لاءِ لينيئر ايڪسيليٽر خريد ڪرڻ سان 1500 ملين فنڊ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ڪابينا 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997ع تحت پاڪستان رينجرز جي  ڪراچي ڊويزن ۾ مقرري جي عرصي ۾ 09 ڊسمبر 2024 تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو ٻڌايو ته سپريو بند جي واڌ لاءِ نارا ڊسٽري، ڳڙهي واهه ڊسٽري (آر ڊي-0 کان 47)، تعلقو خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾رائس ڪينال ڊويزن، لاڙڪاڻو تائين فنڊن جي ضرورت آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2010ع ۽ 2022ع جي مها ٻوڏ دوران تعلقو خيرپورناٿن شاهه هميشه ٻوڏ جي خطري ۾ رهندو آهي، جنهن سبب سرڪاري انفراسٽرڪچر، عوامي ملڪيتن ۽ معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، خاص ڪري سپريو بند ٻوڏ جي دٻاءَ سبب بچي نه سگهيو، هن وقت سپريو بند آخر تائين ڳنڍيل ناهي. خيرپورناٿن شاهه شهر ۾ ٻوڏ جي آمد کي روڪڻ لاءِ ان کي ڏاکڻي طرف جوهي شاخ سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. ڪابينا هنگامي ڪمن کي انجام ڏيڻ لاءِ 449.563 ملين رپين جي منظوري ڏني. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي ٻڌايو ته 30 نومبر 2023 ع تائين 19537 سرڪاري ملازم رٽائرمينٽ کانپوءِ بقايائن جي انتظار ۾ آهن   وڏي وزير ڪابينا جي رضامندي سان 10.189 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا محمد انور کي ٽن سالن لاءِ سنڌ بينڪ جو صدر/سي اي او، فرحان اشرف خان ۽ عمران صمد کي نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني، اجلاس ۾عبدالرئوف چانڊيو کي سنڌ مضاربه مينيجمينٽ ليميٽڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ڪابينا ٿر ڪول انرجي بورڊ لاءِ چئن ميمبرن ايم اين اي شازيه مري، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ ڪرني سنگهه  جي نامزدگي جي منظوري پڻ ڏني.