اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرويز الاهي کي اڊيالا جيل کان لاهور منتقل ڪرڻ خلاف سندس گهرواري قيصرا الاهي جي درخواست تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت پرويز الاهي جي صحت خراب هجڻ سبب گهر ۾ گرفتار ڪرڻ جي استدعا تي به فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر قيصرا الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ پنجاب جي گهرو وزارت کي پرويز الاهي جي گهر کي سب جيل قرار ڏئي اُتي منتقل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي. عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي وڪيل ٻڌايو ته تيار آهيون ته سب جيل پوري گهر کي قرار ڏنو وڃي ۽ پرويز الاهي کي صرف هڪ ڪمري تائين محدود رکيو ويندو. پمز اسپتال جي نمائندي چيو ته پرويز الاهي کي بهتر طبي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هو پنهنجي گهر کان وڌيڪ اڊيالا جيل ۾ محفوظ آهي. عدالت پرويز الاهي جي گهرواري قيصرا الاهي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.