اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بشريٰ بي بي کي بنا گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ ڪائونسل جي دليلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ کي جيل مان عدالت آڻڻو هجي ته ٻاهر خطرو آهي، ٻئي کي ٻاهران اُنهي جيل ۾ اُماڻيو ته جيل ۾ خطرو؟ جسٽس گُل حسن اورنگزيب چيو ته خدا جو خوف ڪريو، ڪڏهن چئو ٿا عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي خطرو آهي، ڪڏهن وري چئو ٿا جيل محفوظ ناهي، ڇا توهان محفوظ آهيو؟ قيدي جي مرضي خلاف سندس پراپرٽي کي سب جيل ڪيئن قرار ڏئي سگهجي ٿو؟، بشريٰ بي بي جي وڪيل چيو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ سب جيل جو سمورو عمل مڪمل ڪيو ويو، جسٽس اورنگزيب چيو ته توهان کي لڳي ٿو نوٽيفڪيشن هڪ منٽ ۾ تيار ٿيو هو، ڇا توهان کي نٿو لڳي ته اڳ ئي طئه ٿيل هو ته بشريٰ بيبي کي بني گالا منتقل ڪرڻو آهي.