ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پراسيڪيوشن رينجرز اهلڪار محمد انور قتل ڪيس ۾ ڪمانڊر ملا نثار بري ڪالهه دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ رينجرز ۽ پوليس جي لياري ۾ 25 سيپٽمبر 2014ع تي آپريشن دوران رينجرز اهلڪار کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ جي ساٿي ڪمانڊر ملا نثار تي نائون دفعو ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، عدالت لياري گينگ وار جي ڪمانڊر ملا نثار کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو، عدالت جيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته جوابدار تي ٻيو ڪيس  نه هجڻ جي صورت ۾ کيس آزاد ڪيو وڃي،