ٽنڊومحمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ڪائونسل طرفان پهريون ڀيرو عوامي مفادن تحت رائيس ملن، شوگر انڊسٽريز، تيل گئس فيلڊن جي رائيلٽي مان علائقي کي بيوٽيفڪيشن پلان تحت ترقياتي ڪم مڪمل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
وڏي وزير جي اڳوڻي صوبائي معاون، ضلعي ڪائونسل ٽنڊو محمد خان جي چيئرمين سيد قاسم نويد پريس ڪانفرنس ذريعي ڄاڻايو آهي ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مخصوص بجيٽ هجڻ باوجود وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کان علائقي جي ترقي خوشحالي لاءِ خاص گرانٽ ذريعي فنڊ حاصل ڪري 15 سالن کان بند پيل ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺهيل پبلڪ اسڪول کي فعال ڪري سان پبلڪ پرائيويٽ ذريعي هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي
جنهن ۾ ڄاڻايو آهي ته ضلعي ڪائونسل طرفان عوامي مفادن جي خلاف ڪو به غيرقانوني ٽئڪس لاڳو ڪرڻ بجاءِ ملڪ جي هر صوبي ۽ ضلعي ۾ لاڳو ڪيل ٽئڪسن تحت تجارتي واپاري مرڪزن ، انڊسٽري ايريا مان ٽئڪس وصول ڪري گئس ، تيل جي رائيلٽي عوامي مفادن تحت استعمال ڪرڻ سان گڏ ٽنڊو محمد خان ۾ بيوٽيفڪيشن پلان تحت ترقياتي ڪم مڪمل ڪرائي روڊ رستا ، پيئڻ جو صاف پاڻي ، ڳوٺن کي ترقي ڏياري ، سولر سسٽم تحت بجلي جو نظام بحال ڪرائي عوام کي بجلي جي ڳڙن بلن کان بچائڻ جي اسڪيم جوڙي وئي آهي جنهن تي ڪم شروع ڪري پهريون دفعو ٽنڊو محمد خان جي ترقي ڏانهن تيزي سان اڳتي قدم وڌايو ويندو