ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار پاران سمورن کاتن کي ڊجيٽل ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾  وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي بورڊ جي پنجين گورننگ باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بورڊ جو مينيجنگ ڊائريڪٽر مارڪيٽ مان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  وڏي وزير چيو ته  بورڊ جو مينيجنگ ڊائريڪٽر هجڻ گهرجي، سيڪريٽري آءِ ٽي آصف اڪرام کي هدايت ڪئي ته 6 هفتن ۾ ايم ڊي مقرر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته شاهراهه فيصل تي آءِ ٽي بورڊ جي آفيس قائم ڪئي وڃي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آءِ ٽي بورڊ کي ڪمپني طور رجسٽرڊ ڪيو ويندو. وڏي وزير سيڪريٽري آءِ ٽي کي هدايت ڪئي ته هو صوبائي حڪومت کي پيپر ليس بڻائڻ لاءِ پلان تيار ڪري. هن چيو ته سمورن کاتن ۾ اي-فائل سسٽم هجڻ گهرجي ته جيئن پيپر ليس ڊجيٽل فائلنگ سسٽم تيار ڪيو وڃي.  ان حوالي سان تجويزون پڻ ڏنيون وڃن.