ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 100 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي برقرار، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري، ان ڏس ۾ڪراچي  جي صرافه بازار ۾ سون  100 رپيا لاٿ سان  227000 مان 226900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2170 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 11 پئسا لاٿ سان 278.63 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف  چاندي 2600، پائونڊ 359 ۽ يورو 306 رپين تي بيٺل رهيا، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري رهي، 100 انڊيڪس 74 پوائنٽن جي واڌ سان 64890 پوائنٽن تي پهتي، ڪالهه 7 ارب  78 ڪروڙ رپين جا 21 ڪروڙ 17 لک شيئر  وڪرو ٿيا