همايون ويجهو 3 ڄڻا قتل: منهنجو يا منهنجي پٽ جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي: امتياز شيخ

0
142

پيپلزپارٽي جي ايم پي اي امتياز شيخ همايون ويجهو مارجي ويل 3 ڄڻن جي وارثن پاران لڳايل الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته واقعو ڀيا ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري تڪرار تان پيش آيو آهي

هن چيو ته منهنجو يا منهنجي پٽ جو واقعي سان ڪو به تعلق نه آهي، واقعي جا وڌيڪ تفصيل معلوم ڪري جامع موقف پيش ڪنداسين

مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته رتوڇاڻ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ جو پٽ فراز احمد شيخ ملوث آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

همايون ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا مارجي ويا