همايون ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ 2 عورتون ۽ هڪ مرد قتل

0
46

همايون شريف (رپورٽ: امداد علي پنهور) همايون ويجهو ڀيا معرفاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي حملي ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل

پوليس موجب عبدالرحمان معرفاڻي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ ذوالفقار ڀيو تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

 مارجي ويلن ۾ نويد، سندس زال فاطمه ۽ نانا خاتون شامل، ٽنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ، مقتولن جي وارثن واقعي خلاف احتاججي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

پوليس جو چوڻ آهي ته عبدالرحمان معرفاڻي واري ڌر ذوالفقار ڀيو جي ڳوٺ تي حملو ڪيو،  ڀيا ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري خوني تڪرار هيل تائين 10 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي

مظاهرين جو چوڻ هو ته معرفاڻي ڌر جي فائرنگ ۾ نانا خاتون زال نثار ڀيو، فاطمه ۽ سندس مظاهرين الزام هڻندي چيو ته مڙس نويد ڀيو مارجي ويا اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ جي پٽ فراز  شيخ معرفاڻي ڌر جي هٿياربندن هٿان اسان جا ماڻهو مارايا آهن

ڊي آءِ جي پاران زال مڙس سميت ٽن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي

 ڊي آءِ جي پاران ڀيا- معرفاڻي  تڪرار تان زال مڙس سميت ٽن ڄڻن  جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي

ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ  پاران ايس ايس پي شڪارپور کي  جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي

پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾  21ورهين جي نانا خاتون ڀيو، 20 ورهين جي  فاطمه ۽ سندس مڙس نويد ڀيو قتل ٿيا هئا