پورٽس مائوٿ(انٽريسٽنگ نيوز) انگلينڊ سان تعلق رکندڙ هڪ شهري پنهنجو پاڻ کي اغوا جو ڊرامو رچائي گهروارن کان ڀنگ لاءِ پيسا گهريا، جنهن سان هو ٿائيلينڊ ۾ عياشيان ڪري سگهي. ميڊيا رپورٽس موجب 48 سالن جي انگلينڊ جي شهري ايان روبي ٿائلينڊ جي شهر پٽايا ۾ موڪلون گذارڻ آيو هو، دوستن سان موج مستيون ۽ پارٽيون ڪندي ان وٽان پيسا ختم ٿي ويا، جنهن بعد هن وڌيڪ رقم لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو رچائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن لاءِ هن پنهنجي دوستن کي اغوا ڪندڙ ظاهر ڪيو انهن جي ذريعي انگلينڊ ۾ پنهنجي گهروارن کان رقم گهرڻ چاهي. گهروارا ان همراهه جي حرڪتن کان پهرين باخبر هئا تنهن ڪري انهن پيسا نه موڪليا. جنهن تي ايان روبي شيطاني دماغ استعمال ڪندي پاڻ کي دوستن کان ڪٽرايو ۽ ٻٽ ٻڌل بدمعاشن جو روپ ڌاري ان جي گهرن وارن کان ڀنگ گهريو. وارثن فوري عقلمندي جو مظاهرو ڪندي پوليس سان رابطو ڪيو، سڪيورٽي ادارن طرفان جاچ کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته ايان صرف پنهنجي عياشي لاءِ رقم حاصل ڪرڻ چاهي پيو جنهن لاءِ هن ايڏو وڏو ڊرامو ڪيو.