نيويارڪ(شوبز نيوز) ناليواري آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ گريمي ايوارڊ کٽڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻيو اعزاز به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب گريمي ايوارڊز 2024 ۾ ٽيلر سوئفٽ (Midnnights) لاءِ البم آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته گريمي ايوارڊز جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪنهن به فنڪار ان ڪيٽيگري ۾ 4 ڀيرا ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.  ٽيلر سوئفٽ چيو ته مان ايوارڊ کٽڻ تي ڏاڍي خوش آهيان، جڏهن ته هي انهن ماڻهن لاءِ به خوشي جو سبب آهي، جن مون کي ووٽ ڏنو.