جيڪي جج صحيح ڪم نه پيا ڪن انهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو، دنيا ۾ پاڪستاني عدليه بابت ڊيٽا ڳڻتيءَ جوڳي آهي: جسٽس منصور علي شاهه

0
27

عدليه کي فردن بدران سسٽم جي تابع ٿيڻو پوندو، اسان جي عدالتي تاريخ فخر ڪرڻ جوڳي نه آهي، ائين به نه آهي ته عدالتي نظام نه پيو هلي، جيڪي جج صحيح ڪم نه پيا ڪن انهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جو لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته عدليه مڪمل آزاد هئڻ گهرجي، شهرين کي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي، پر پاڪستان ۾ 24 لک ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، ڪيس اڪلائڻ جو درست طريقو موجود نه آهي، اهم ڪيسن جي اڪلاءَ لاءِ هڪ ڊيش بورڊ ٺهڻ گهرجي

عالمي سطح تي 10 لک ماڻهن لاءِ 90 جج هوندا آهن، اسان وٽ 10 لک ماڻهن لاءِ رڳو 13 جج آهن، اسان کي وڌيڪ 90 هزار جج گهرجن

برازيل ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ عدليه جي آهي، ٻئي نمبر تي فوج آهي، عدالت جي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، آئين موجب عدليه آزاد هجڻ گهرجي