خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي عسڪري قيادت سان رابطن بابت لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي

0
23

جڊيشل ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ قيادت جي عسڪري قيادت سان ڳالهين بابت بيان شهريار آفريدي ڏنو آهي، مون کي ان بابت ڪا خبر نه آهي، اسان کي پي ٽي آءِ باني جيڪو حڪم ڪندو ان تي عمل ڪنداسين

شهريار آفريدي گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو هو ته اسان رڳو آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، اهي ڳالهيون جلد ٿينديون

علي امين گنڊاپور چيو ته پي ڊي ايم ون کانپوءِ پي ڊي ايم ٽو حڪومت به تباهي مچائي ڇڏي آهي، حڪومت ۾ شامل ماڻهن کي ملڪي معيشت بدران ذاتي معيشت جي وڌيڪ ڳڻتي آهي، مريم نواز جي پوليس وردي پائڻ بابت علي امين گنڊاپور جي جواب تي صحافين جا ٽهڪڙا