ڀرياسٽي (ن پ ا) دالي شھر ۾ نوجوان پورھيت عزيز ڪلھوڙو عرف گجي 300 ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل جي ول جو 6 ڪلاڪن ۾ ٿريشر مان اناج ڪڍي ريڪاڊ قائم ڪري ورتو، سندس اهري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ اتي موجود ھاري، زميندار ۽ مزدور دھل شرنائين تي جھمريون ھڻندي نظر اچي رھيا آھن. پورھيت محنت جو ريڪارڊ قائم ڪرڻ بعد علائقي واسين ۽ ھارين مزدور نوجوان کي پئسن جا ھار پارائي دھل شرنائين تي جھمريون ھڻي خوشي جو اظھار ڪيو. پورھيت جي ريڪارڊ قائم ڪرڻ جي خوشي ۾ دھل وڄائڻ تي مڱڻھار فقير کي پڻ 3000 کان مٿي گھور ملي.