نوابشاهه (ن پ ا) سنڌ سرڪار91ع واري معاهدي بدران ٽه رُخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ تي اعتراض واري ڇڏيا، ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جي فيصلن تي ردعمل ظاهر ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ورڇ وارو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ التوا هيٺ آهي، ڏيڍ سال گذرڻ باوجود مسئلي کي سي سي آءِ جي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ويو، وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته سي سي آءِ ۾ جلد هن معاملي تي بحث ڪيو ويندو، اُميد ته سنڌ کي 91ع واري معاهدي تحت حصي جو پاڻي ڏنو ويندو، وفاق ۽ سنڌ ۾ تڪرار سان سڄي پاڪستان کي نقصان ٿي رهيو آهي، وفاق پنهنجي پاليسيز تي ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، وفاق ۾ جيڪي ويٺل آهن، اُنهن مان جان ڇُٽي ويندي، نواب شاهه ۾ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ۾ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت بعد وڏي وزير مراد علي شاهه ٽائيم نيوز کي سالگرهه جي موقعي تي واڌايون ڏنيون…….