ڪراچي: نارٿ ناظم آباد مان گم ٿيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ واپس گهر پهچي ويا

0
113
ڪراچي ۾ معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ، ڪيس داخل
ڪراچي ۾ معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ، ڪيس داخل

ڪراچي: نارٿ ناظم آباد مان گم ٿيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ واپس گهر پهچي ويا، ٻارڙن جي والده تصديق ڪري ڇڏي

اڻڄاتل جوابدار ٻارڙن کي ڇڏي فرار ويا، اطلاع بعد رينجرز پهچي ٻارڙن کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو

ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق موجب ٻئي ٻارڙا گهر واپس پهچي ويا آهن، واقعي جي جاچ جاري آهي

هٿ آيل معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي والده هڪ پوسٽ ۾ چيو هو ته هُن جا ٻارڙا گم ٿي ويا آهن

جڏهن ته هاڻ ٻارن جي والده شمائلا ناز ٻي پوسٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته الحمدالله پٽ ۽ ڌيءُ حفاظت سان ملي ويا آهن، ڀاءُ رينجرز سان گڏ وڃي ٻارن کي هٿ ڪيو آهي، جيڪي ٻارن کي وٺي ويا هئا اهي ئي هنن کي ڇڏي ويا