دادو: لياقت جتوئي ايف پي بند پهچي ويو، ايترو پاڻي نه آيو ته پوءِ گهارو ڪيئن لڳو، آبپاشي عملدار کان پڇاڻو

0
477

دادو (ن پ ا) سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي ايف پي بند تي گهاري واري هنڌ پهچي معائنو ڪندي ۽ ايس اي آبپاشي کان پڇاڻو ڪيو، لياقت جتوئي چيو ته مان وڏو وزير رهيو آهيان ايترو پاڻي نه آيو ته پوءِ گهارو ڪئين لڳو، بند ڪمزور يا ڪا ٻي ڳالهه هئي جو گهارو پيو آهي، ايس اي اقبال پليجو چيو ته پاڻي جو دٻاءُ هو ان ڪري گهارو پيو آهي، لياقت جتوئي چيو ته مون کي نه پڙهايو مان ڏسان پيو ته پاڻي گهٽ هئڻ باوجود گهارو ڪئين پيو.