رومانوي ڪردار ڪندي ساٿي اداڪار سان محبت ٿي: نوال سعيد جو انڪشاف

0
72
رومانوي ڪردار ڪندي ساٿي اداڪار سان محبت ٿي: نوال سعيد جو انڪشاف
رومانوي ڪردار ڪندي ساٿي اداڪار سان محبت ٿي: نوال سعيد جو انڪشاف

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا نوال سعيد نالو کڻڻ کانسواءِ ٻڌايو ته کيس ڊرامي ۾ ساٿي اداڪار سان رومانوي ڪردار ادا ڪندي محبت ٿي وئي هئي پر بعد ۾ رستا الڳ ڪري ڇڏيا

تازو هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي نوال سعيد چيو ته هن ڪيترائي رومانوي ڊراما ڪيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن حقيقت ۾ به ڪردار کان نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي

هن چيو ته رومانوي ڪردار ادا ڪندي ساٿي اداڪار ۽ کيس محبت ٿي وئي هئي، ڪنهن مخصوص ڊرامي يا اداڪار جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هڪ ڀيرو ايئن ٿيو هو جو کيس محبت ٿي وئي جيڪا ڪجهه وقت لاءِ هئي

هن چيو ته ساٿي اداڪار سان 12 ڪلاڪ گذاريو، فيملي کان وڌيڪ وقت گذاريو ۽ وري رومانوي ڊائلاگ هجن ته محبت ٿيڻ عام آهي. هن چيو ته جڏهن سمجهه اچي وڃي ته ٻه ماڻهو مختلف آهن سوچ الڳ آهي ته حقيقت قبول ڪرڻ گهرجي