پاڪستان سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪري ڇڏي

0
45
پاڪستان سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪري ڇڏي
پاڪستان سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪري ڇڏي

پاڪستان سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس، سعودي وفد جي ايپڪس ڪميٽي سان ملاقات

 آرمي چيف جنرل عاصم منير جي به خصوصي شرڪت،وزيراعظم شهباز شريف سعودي مهمانن جو استقبال ڪيو

ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي طرفان سعودي وفد کي سيڙپڪاري جي منصوبن تي بريفنگ  ڏني وئي

ذريعن موجب سعودي وفد کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي، سعودي وفد کي اسلام آباد ۾ ٻن فائيو اسٽار هوٽلز جي نجڪاري ۾ گڏيل منصوبي جي به آڇ، هوٽلز جي زمين سي ڊي اي جي هوندي، سيڙپڪاري سعودي سرڪار ڪندي

 وفد کي تجويز ڏني وئي ته سعودي حڪومت هوٽل پاڻ ٺاهي ۽ هلائي، ملاقات ۾ وفد کي مٽياري ٽرانسميشن لائين ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي به آڇ ڪئي وئي، سعودي وفد طرفان اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي قيام جي آجيان،ايس آءِ ايف سي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سهڪار  سان بهترين نتيجا اچڻ جي اميد آهي

 ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي،پاڪستان سيڙپڪاري جا بهترين موقعا فراهم ڪندو، پاڪستان وٽ سون، ٽامي ۽ ٻين قيمتي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن، مائننگ جي شعبي مان ڀرپور فائدو نه ورتو ويو آهي

 آءِ ٽي ۽ مائننگ جي شعبي ۾ سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند آهي،ايس آءِ ايف سي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تيزيءَ سان ٿئي ۽ سيڙپڪاري گڏيل مفاد ۾ هجي، ايس آءِ ايف سي پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي به آسان بڻائيندو