پروپيگنڊا خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي کي يقيني بڻايو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

0
37
فوج خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ڪور ڪمانڊر دهشتگردن کي فعال ٿيڻ نه ڏين: آرمي چيف
فوج خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ڪور ڪمانڊر دهشتگردن کي فعال ٿيڻ نه ڏين: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هدايت ڪئي آهي ته دهشتگردن کي ڪنهن به هنڌ کان ڪارروائي جي اجازت نه ڏني وڃي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 264هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فورم جي بريفنگ ڏني وئي افغانستان مان سرگرم دهشتگرد گروپ علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ خطرو آهن

فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته اهي دهشتگرد گروپ پاڪستان ۽ ان جي معاشي مفادن خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن، اهي دهشتگرد گروپ خاص طور تي سي پيڪ خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن

آرمي چيف ڪور ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن کي ڪنهن به هنڌ کان سرگرم ٿيڻ نه ڏنو وڃي

هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پوري قوم جي حمايت حاصل آهي ۽ هٿياربند فوج پاڪستان مان دهشتگردي جي خطري کي مستقل طور ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي

فورم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪئي

آءِ ايس پي آر موجب ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ڌرين جيڪڏهن فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽ نه ڪئي ته وچ اوڀر ۾ وسيع علائقائي تڪرار پيدا ٿي سگهي ٿو

ڪارڪ ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هٿياربند فوجن جو حوصلو پست ڪرڻ جي مذموم پروپيگنڊا مهم تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ فورم چيو ته هٿياربند فوجن خلاف بي بنياد الزام عوام ۽ هٿياربند فوجن جي وچ ۾ ويڳاڻپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي

ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته عوام ۽ هٿياربند فوج جي وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين.  غلط پروپيگنڊا خلاف قانون ۽ آئين موجب سخت ڪارروائي کي يقيني بڻايو ويندو

پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪرڻ لاءِ فورم. هن اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوري خلاف ۽ غير قانوني مهاجرن جي محفوظ واپسي لاءِ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو