اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي اي، ايف بي آر کي 5 لک کان وڌيڪ نان فائلرز جون موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پي ٽي اي، ايف بي آر جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ جو عمل اسان جي نظام سان مطابقت نٿو رکي ۽ قانوني طور تي اسان سمز بلاڪ ڪرڻ جا پابند ناهيون. پي ٽي اي چيو آهي ته وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار مردن جي نالي تي سمز استعمال ڪندا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي نالي تي رڳو 27 سيڪڙو سمز آهن، انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2021ع پي ٽي اي تي لاڳو نٿو ٿئي، سمز بلاڪ ڪرڻ سان ڊجيٽلائيزيشن کي نقصان پهچندو. پي ٽي اي موجب وڏي انگ ۾ سمز بلاڪ ڪرڻ سان ٽيلي ڪام معيشت کي نقصان پهچندو، سمز جي بندش سان ٽيلي ڪام شعبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري کي ڌچڪو لڳي سگهي ٿو، بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز، اي ڪامرس، موبائل اڪائونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. خط ۾ پي ٽي اي، ايف بي آر کي صلاح ڏني آهي ته سمز بلاڪ ڪرڻ کانسواءِ ٻين قانوني آپشنز تي غور ڪيو وڃي.