اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي، حيدرآباد، ڪشمور ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ بدامني خلاف احتجاج،اپوزيشن ليڊر عمر ايوب وزير اعظم کي ڪرائي جو وزير اعظم قرار ڏئي ڇڏيو.  وزيرن جي عدم موجودگيءَ تي مخالف ڌر ۽ حڪمران اتحادي جماعت پي پي ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ پيج تي اچي ويون. تفصل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاھه جي صدارت ھيٺ شروع ٿيو ته ڪراچي، ڪشمور، حيدرآباد مان ڦرلٽ، اغوا جي وڌندڙ وارداتن، واقعن ۽ خودڪش حملن خلاف ايم ڪيو ايم ڌيان طلب  نوٽيس پيش ڪيو. پر ان وقت ڪو به وزير ايوان ۾ جواب ڏيڻ لاءِ  موجود نه ھيو. جنھن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر نگھت شڪيل خان، پي پي جي اعجاز جکرڻي، مخالف ڌر طرفان اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان، جي يو آءِ جي نور عالم خان حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. نگھت شڪيل چيو ته جيڪڏھن ھڪ به وزير ايوان ۾ نٿو اچي ته ايتريون وزارتون رکڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي. حڪومتي وزيرن جي غير موجودگيءَ سبب اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان چيو ته ھن ايوان ۾ حڪومت سرڪس لڳائي رکي آھي. وزير موجود ناھن ھوندا. وزير اعظم ڪرائي جو آھي ڇو ته ھي سڀ فارم 47 جي پيدوار آھن. ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاھ چيو ته اڳتي اجلاس وقت تي شروع ٿيندو. ڪورم پورو ڪرڻ حڪومت جو ڪم آھي. جنھن کانپوءِ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بابت  ڌيان طلب  نوٽيس تي جواب ڏيندي چيو ته 18 آئيني ترميم بعد امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آھي ڪراچي، حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي بابت سنڌ حڪومت ذميوار آھي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھي، ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ وڏي پارٽي آھي امن امان جي صورتحال جو مامرو سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو وڃي، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي سبين غوري چيو ته سنڌ ۾ ڪرمنلز هٿان متاثر ٿيندڙن کي پنج لک تائين معاوضو ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت صوبي ۾ رٽ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آھي، وفاق ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ايم ڪيو ايم جي سيد وسيم حسين جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت 18 ترميم جو حوالي ڏئي پنهنجين ذميوارين کان آجي نٿي ٿي سگهي، ٽن مهينن ۾ 60 کان 70 ڄڻا گولين جو کاڄ ٿيا آھن، سڌسماءَ جي وزير عطا تارڙ چيو ته اڳوڻي حڪومت دھشتگردن سان ڳالھين جي پاليسي اختيار ڪئي. اڳوڻي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي روڪيو، ان تي مخالف ڌر حڪومت خلاف احتجاج شروع ڪيو. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ھن ايوان ۾ اِن ڪئمرا سيشن ٿيو ھيو جنھن ۾ فوجي قيادت ۽ سياسي قيادت گڏجي ڳالھيون ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب پاران مخالف جماعتن جي ميمبرن جا نالا پي اين آءِ ايل ۽ اي سي ايل ۾ وجھڻ تي توجھه ڏياريو نوٽيس جي جواب ۾ وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته جن ميمبرن جا نالا سفري پابندين جي لسٽ ۾ آھن اھي شناختي ڪارڊ نمبرز سان گڏ تفصيل ڏين ته اسان سبب معلوم ڪنداسين. پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھه مطالبو ڪيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري تي ايوان کي بريفنگ ڏني وڃي، جنھن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڄ يارھين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.