راونتي جي ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيل ثنو شر جي ڀاءُ سميت 2 ڏوهاري مارجي ويا

0
70
حيدرآباد پوليس آئيس جو ڊيلر ڄاڻائي هڪ ڄڻي کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ
حيدرآباد پوليس آئيس جو ڊيلر ڄاڻائي هڪ ڄڻي کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

راونتي جي ڪچي ۾ سنڌ-پنجاب دنگ وٽ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران ڌاڙيل ثنو شر جي ڀاءُ سميت 2 ڏوهاري مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

سکر پوليس شاهه ٻيلي جي ڪچي ۾آپريشن دوران ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، سنڌ-پنجاب دنگ وٽ رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾  ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ 2  ڌاڙيل مارجي ويا

 ذريعن موجب سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي گڏيل آپريشن دوران ڌاڙيل ثنو شر جو ڀاءُ عالم شر ۽ حاجي شر  مارجي ويا، ڪَري عرف مٺو شر زخمي ٿي پيو، مارجي ويل  ڌاڙيلن جا لاش سندن ساٿي کڻي ويا

راونتي جي ڪچي ۾ آپريشن د
راونتي جي ڪچي ۾ آپريشن د

ذريعن موجب رانوتي جي ڪچي ۾ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پوليس بگٽي برادري جي ڪلپر قبيلي کان مدد  وٺي رهي آهي، ڊيرا بگٽي ۽ سئي واري علائقي مان 100 کان وڌيڪ ڪلپر بگٽي قبيلي جا ويڙهاڪ ڪچي ۾ لٿل آهن

 3 مهينا اڳ گهوٽڪي واري علائقي ۾ موٽر وي تي هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ ڪلپر بگٽي قبيلي جي چيف وڏيري جلال بگٽي جو پٽ مارجي ويو هو، ڪلپر بگٽي قبيلي واقعي ۾ ملوث ڌاڙيلن کان پلاند جو اعلان ڪيو هو

 سکر پوليس موجب شاهه ٻيلي ۾ڏوهارين سان مقابلي دوران ٻن مغوين محمد اقبال کوسو ۽ رضوان کوسو کي بازياب ڪرايو ويو، ٻنهي ڄڻن کي 25 ڏينهن اڳ سائيٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو

 ڌاڙيل مغوين کي شاهه ٻيلي جي ڪچي کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا، علائقي ۾ ٻنهي مغوين کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرائڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن