اسلام آباد(بيورو رپوٽ) سينيٽ جي  اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر موجود حڪومت تي ھڪ ڀيرو ٻيھر نگران سيٽ اپ سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو. اڳوڻي نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ به الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي.سينيٽ اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ مولانا عبدالواسع ۽ فيصل واوڊا کان چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني سينيٽر جي عھدي جو حلف ورتو، جنھن بعد فيصل واوڊا ۽ مولانا عبدالاسع رول آف ميمبر تي صحيح ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار ايوان ۾ سوالن وارو وقفو معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. سينيٽ اجلاس ۾ مني بل تي تجويزون گڏ ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل ڪاميٽي جوڙڻ جي رٿ قائد ايوان اسينيٽر اسحاق ڊار پيش ڪئي جيڪا متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. سينيٽ ۾ مالي بل، ٽيڪس قانونن ۾ ترميم بل 2024 جي ڪاپي سينيٽر اسحاق ڊار پيش ڪئي. چيئرمين سينٽ بل جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي.  اجلاس ۾ ڳالھائيندي شبلي فراز چيو ته اڳتي ھلڻ کان پھريان گذريل واقعن جو جائزو وٺنو پوندو، باني چيئرمين قانون جي حڪمراني جي لاءِ بيٺل آھي، کيس گذريل 9 مھينن دوران سياسي ڪيس جوڙي قيد ڪيو ويو آھي. هن چيو ته وفاق ۾ نگران حڪومت به پنھنجا اختيار اورانگهيا، اليڪشن ۾ دير ڪئي وئي، اليڪشن ڪيشن پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسيو ويو. جنھن بعد اسان جي اميدوارن کان انتھائي مذاق اڏاريندڙ چونڊ نشان واڱڻ، ڪدو، ٽماٽا، دھل ڏنا ويا. پوءِ انھن ئي چونڊ نشانن هنن کي شڪست ڏني. عوام فيصلو ڏنو ته ھو باني چيئرمين سان گڏ بيٺل آھي. اليڪشن کٽڻ بعد اسان کي مخصوص سيٽن کان محروم ڪيو ويو. ڏک جي ڳالهه آھي ته اڄ ھن ايوان ۾ خيبرپختونخوا جا سيينيٽرز موجود ناھن. شبلي فراز چيو ته اھڙا واقعا ملڪ کي ڪمزور ڪندا آھن. اوهان پي ٽي آءِ کي ڀت سان نٿا لڳائي سگهو،پاڪستاني عوام قيدي نمبر 804 کي اقتدار ڏيڻ چاھي ٿي، چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي جاچ ڪرائي وڃي، چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مون پھريون ڀيرو تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اپوزيشن ليڊر جي پوري تقرير غور سان ٻڌي آھي. تمام سٺيون ڳالھيون ڪيون آھن، اميد ته ٻين کي به ٻڌندا، سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اپوزيشن ليڊر جيڪي ڳالھيون اڄ ڪيون اُھي ٽي چار سال اڳ ڪري ھا ته بھتر ھجي ھا، پي ڊي ايم حڪومت اليڪشن لاءِ گرانٽ ڏني. نگران حڪومت سان اسان جو ڪو تعلق نه ھيو، چونڊ  نشان کسجڻ جا پاڻ ذميوار آهيو، فوجي عمارتن تي حملن جي اوهان کان غلطي ٿي، عدالتن ۾ بيگناهي ثابت ڪريو، سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ٿي وئي آهي جيڪڏهن اوهان کي اعتراض آهي ته ان جو قانوني فورم موجود آهي، اچو ته گڏجي ڪم ڪريون ۽ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍون، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته ٻين ملڪن کان ڊپازٽ نه وٺو ، ڪي پي مان سينيٽرز ناهن ان تي ڏک آهي، اڳوڻي نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪو شڪ ناھي ته جڏھن ڪا حڪومت ختم ٿيندي آھي ته نگران حڪومت 90 ڏينھن لاءِ ٺھندي آھي. نگران حڪومت جو فرض آھي ته ان عرصي دوران چونڊون ڪرائي، سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي مشاروت کانپوءِ فيصلو ٿيو ته چونڊون نئين آدم  شماري تحت ٿينديون. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اسان ھن ايوان ۾ پنھنجي ڀائرن جو دفاع ڪنداسين. اسان جي سرحدن جو دفاع ڪرڻ وارن جي تذليل قبول ناھي، هن چيو ته ايئن نه ٿيندو ته اسان قانون ٺاهيون، محنت اسان ڪريون، ووٽ اسان وٺون، سڀ ڪجهه اسان ڪريون ۽ اوهان پنهنجي مرضي جي تشريح ڪريو، اسان جي ٺاهيل قانون کي اسان خلاف ئي استعمال ڪيو ويندو آهي، فيصل واوڊا سوال اٿاريو ته ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري معاملي جو احتساب ڇو نه ٿيو، ڦاهي ڏيندڙن کي سزا ڇو نه ڏني وئي؟ جيڪو حلف نامو سياستدانن تي لاڳو آهي اهو ججن ۽ جرنيلن تي به لاڳو ٿئي، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪوئي هن ايوان کان ٻاهر اسان کي صادق ۽ امين جا سرٽيفڪيٽ ڏئي، جيڪڏهن اسان جو پڳ لاٿي ويندي ته اسان پڳن کي فٽبال بڻائي ڇڏينداسين، اسان هن ايوان ۾ قانونسازي ڪنداسين، اسان قانون ٺاهيندا آهيون اسان ئي عمل به ڪرائينداسين، تشريح به اسان ڪنداسين، هن چيو ته اسان جو عدل جو نظام به ٺيڪ ناهي ته ڪيئن ملڪ کي اڳتي وٺي ويندا، جيستائين قانون تبديل نه ٿيندو اسان نٿا هلي سگهون، سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته ھن جيڪي وزير ھتي ناھن انھن کي معطل ڪيو وڃي. عوامي مفادن وارن مسئلن تي ڳالھائڻ گھرجي، ڪرپشن جي داستان کڻي ايوان ۾ آيو آھيان. ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ 275 ارب جو ڪمرشل بينڪن مان وياج تي قرض ورتو ويو. ھڪ ھڪ ٻوري تي ھزارين روپيا رشوت ورتي پئي وڃي. سينيٽر تاج حيدر چيو ته اسلام آباد ۾ عدالتي منع نامي باوجود ٽينس ڪمپليڪس کي مسمار ڪيو ويو اهو معاملو ڪاميٽي ۾ اماڻيو وڃي، سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته پاڪستاني عوام جي بھتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. سينيٽ اجلاس ۾ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ترميمي آرڊيننس 2023، پاڪستان پوسٽل سروس مئنجيمينٽ بورڊ ترميمي آرڊيننس 2023، نيشنل ھاءِ وي ٿارٽي ترميمي بل 2023، فوجداري قانون ۾ ترميمي آرڊيننس 2023، نجڪاري ڪميشن ترميمي آرڊيننس 2023، اپيليٽ ٽربيونل آرڊيننس 2023 پيش ڪيو ويو.