اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن گرينڊ الائنس ۽تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو آهي ته اسان جو فوج سان ڪو به اختلاف ناهي نه ئي الائنس ڪنهن اداري خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ڪوئي به ملڪ ايجنسيز بنا ناهي هلي سگهندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي اتحاد ملڪ بچائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ملڪ هن وقت خطرناڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، اجتماعي سوچ سان بحران مان نڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته اسان جو  مطالبو آهي ته فوج پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪري، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي نمائندي کي الائنس جو ڪوآرڊينيٽر بڻائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، پنج مئي تي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تعاون ٿيڻ گهرجي، ته ٻه ٻه نمائندا مقرر ڪريو جيڪي ويهي ڳالهيون ڪن، پي ٽي آءِ سان ڳالهه ناهي ڪئي پر انهن کي به راضي ڪري وٺندس، ملڪ جا فيصلا ۽ پاليسيون پارليامينٽ ۾ ٺهڻ گهرجن.