لنڊن(م ڊ) برطانيا جي مڪاني چونڊن ۾ مخالف ليبر پارٽي ميدان ماري وئي، پوڻا 200 اضافي سيٽن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ سيٽن سان ليبر پارٽي پهرين نمبر تي رهي. برطانوي مڪاني چونڊن ۾ 94 سيٽن سان لبرل ڊيموڪريٽس ٻئي نمبر تي آئي. حڪمران ڪنزرويٽو کي تاريخي شڪست ٿي، تقريبن ساڍا 400 سيٽون وڃائي ٽئين تي ڪري پئي، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن. آزاد اميدوارن جي 88 اضافي سيٽن سان سندن سيٽن جو تعداد سوا 200 جي ويجهو ٿي ويو آهي. گرين پارٽي کي به 70 جي لڳ ڀڳ اضافي سيٽون ملي ويون. ڪائونسلرز جو تعداد 159 تائين پهتو، ليبر پارٽي کي پنهنجي ڳڙهه بريڊ فورڊ ۾ شڪست ملي، ليبر پارٽي 10 سيٽون کنيون 9 تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا. جڏهن ته 11 مان 4 ميئرز جا نتيجا به اچي ويا، ليبر پارٽي کي اوڀر مڊلينڊز، نارٿ ايسٽ ۽ نارٿ يارڪشائر ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. پاڪستاني نسل جو ليبرپارٽي جو ميئر جو اميدوار صادق خان ٽيون ڀيرو ميئر چونڊجي ويو آهي.