شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر ڊيرا بگٽي ۾ پراڻي تڪرار تان بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، قتل ٿيلن ۾ محمد جان بگٽي ۽ ياسر بگٽي شامل آھن، زخمي  ٿيل ديدار بگٽي ۽ نياز بگٽي کي ليويز فورس پھچي ڊيرا بگٽي اسپتال پھچايو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.