قادرپور جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي حملي جو 90 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

0
33
قادرپور جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي حملي جو 90 جوابدارن خلاف ڪيس داخل
قادرپور جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي حملي جو 90 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

قادرپور جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي حملي جو 90 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، واقعي جي ٽن ڏينهن بعد آندل سندراڻي ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ 58 سڃاتل ۽ 32 اڻڄاتل جوابدار نامزد  ڪيو ويو

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هٿياربندن چوڪيءَ تي حملو ڪيو، ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائيندي پوليس اهلڪار شاھه علي سيال شهيد ٿي ويو، 3 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي پوليس چوڪي تي حملي ۾ پوليس اهلڪار شاهه علي سيال شهيد ٿيو هو

 ڌاڙيل 2 اهلڪارن محمد خان گبول ۽ قيصر ڪلهوڙو کي اغوا ڪري ويا هئا، مغوي اهلڪارن کي  ڪجهه ڪلاڪن بعد راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو هو، اهلڪار جي شهادت بعد قادر پور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن جاري آهي