ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص يونيورسٽي ۾ ملازمن ۽ استادن کي پگھارون نه ملڻ خلاف استادن توڙي ٻئي عملي نديم سولنگي ۽ ذوالفقار علي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ يونيورسٽي جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، جنھن ۾ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيوته اڳ ۾ ئي ھيءَ يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي جو ڪيمپس ھئي، جنھن کي ھاڻ ميرپورخاص يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو آھي، پر اڻپورن انتظامن سبب غير تدريسي عملي کي ٽن مھينن کان ۽ استادن جي پگھار ھڪ مھيني کان بند آھي، ھنن چيو ته ھو ان ڏس ۾ وقتي وائيس چانسلر سميت ٻين اختيارين کي دانهن ڏئي چڪا آهيون،استادن ۽ ٻئي عملي جي احتجاج دوران ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن رٽائرڊ اسد علي چوڌري پڻ پھچي ويو، جنھن استادن سان ڳالھيون ڪندي چيو ته اوھان احتجاج ختم ڪري تدريسي جاري رکو، اسان بالا اختيارين سان ڳالھائي اوھان جو مسئلو حل ڪنداسين پر استادن ۽ عملي احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي استادن الزام ھڻندي چيو ته وقتي وي سي پوليس کي گھرائي اسان کي حراسان ڪري رھيو آھي، ٻئي طرف وقتي وائيس چانسلر پروفيسر نبي بخش ناريجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ميرپورخاص يونيورسٽي کي ٺھندي ھڪ مھينو مس ٿيو آھي، اڃا تائين اڪائونٽ ناھي کلي سگھيو ۽ اھو کولڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جيئن ئي اڪائونٽ کلندو ته سنڌ حڪومت فنڊز رليز ڪندي. ھن چيو ته اھا ڳالھه غلط آھي ته اسان ملازمن جون پگھارون روڪرايون آھن. ھن چيوته اھا ڳالھ غلط آھي ته پوليس اڄ استادن کي ھراسان ڪرڻ آئي ھئي، ھن چيو ته پوليس آفيسر به سنڌ حڪومت جا آھن، اھي يقينن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ۽ ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ اچن ٿا، ان کي حراسان نٿو چئي سگھجي، ھن چيو ته حڪومت کي اڳ ئي مسئلن کان آگاھي ڏني آھي، يقينن سرڪاري مسئلا مرحليوار طع ٿين ٿا، ھن وقت اڪائونٽ ۾ ھڪ روپيو بھ ناھي، پگھارون نٿا ڏئي سگھون ۽ جلد فنڊز رليز ٿيندا ته پگھارون بھ ٿي وينديون، ان ڪري استادن ۽ ٻئي عملي کي ڪجھ دير صبر ڪرڻ گھرجي.