ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مهر صوبي ۾ انبن جي باغن کي بيماري لڳڻ جو نوٽيس وٺي لاڳاپيل اختيارين کي بيماري جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، صوبائي وزير صوبائي  سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايڪسٽينشن کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ڏانھن ٽيمون موڪلي بيماري تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن چيو ته انبن جي باغن کي جراثيم ڪش دوائن جو اسپري پڻ ڪرايو وڃي.