ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سون 3000رپيا مهانگو: اسٽاڪ مارڪيٽ انڊيڪس ٻيهر 73000 ڪراس ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  3000 رپيا واڌ سان 237500 مان 240500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 21 ڊالرن جي اضافي سان 2302 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف  چاندي 2620 ۽ يورو 299 رپين تي بيٺل رهيا، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 80 پئسا لاٿ سان 280 مان279.2  ۽ انٽر بينڪ ۾3 پئسا واڌ سان 278.24 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان  348 مان 348.5 رپين تي بند ٿيو، ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي رهي، ڪالهه 100 انڊيڪس 862 پوائنٽن جي واڌ سان 72764 پوائنٽن تي بند ٿي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 73060 پوائنٽن جي بلند سطح تي به پهتي هئي