سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ جي ديهه 18جي ڳوٺاڻن پاران پوليس ۽ روينيو عملدارن زبردستي زمينون خالي ڪرڻ ۽ گهرن ۽ ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ ۽ بلاجواز گرفتارين، ڌمڪين خلاف سوين ڳوٺاڻن ميڊيا سينٽر چوڪ تي مظاهرو ڪري ٽي ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو.  ان موقعي تي ڳوٺاڻن راجا ارشاد ڪيريو، غلام نبي چوهاڻ ، نذير ڪيريو، وريام چوهاڻ، سارنگ ڪيريو، شاهنواز جمالي، عمران ڪيريو، گل حسن مگسي، مير محمد چوهاڻ، ايس يو پي اڳواڻ قاسم سومري، ايوب کوسو، بچل ڏهيو، جسقم اڳواڻ مورڙيو مير بحر، ديشي عالم ۽ ٻين چيو ته اسان جون زمينون  زبردستي کسيون پيون وڃن ۽ زمينن تان بيدخل ٿيڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسان ٻن سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ لاڳاپيل اختيارين وٽ دانهيو پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو، هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ڪيس فائيل ٿيل آهي، هنن چيو ته اسان اختيارين کي آگاه ڪيو هو ته اسان زمينن تان هٿ نه کڻنداسين. هنن چيو پوليس رات جي وقت جي وقت اچي ڳوٺاڻن کي هراسان ڪري رهي آهي، ساهه جي آخري وقت تائين زمينن تي زبردستي قبضي خلاف جدوجهد جاري رکنداسين، ٻي پاسي رابطي تي اسسٽنٽ ڪمشنر رميز راجا چيو ته سرڪاري زمين آهي  جيڪا قومي ڪاز کي ضرورت آهي اھا کالي ٿا ڪرايون ۽ ڪجهه  زمين کاتيدارن جي آهي   پر انهن کي رقم ادا ڪري رھيا آهن  باقي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي ته مون سان رابطو ڪن، ايس ايچ او سڪرنڊ حبيب الرحمان مري چيو آهي ته  اڌاري کي زمين جي ضرورت آهي اڌارو پنهنجي استعمال جي لاء زمين ڪتب آندي آهي  گھڻي تاڻي سرڪاري زمين آهي  باقي ڪجهه کاتي دارن جي زمين آهي ان جا به  مسئلا حل ٿي رھيا آهن.