سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ويجهو ڳوٺ ننگر اعواڻ چڪ نمبر 6 بنيادي سهولتن کان محروم  ڳوٺاڻن محمد رمضان اعواڻ، پنھل اعواڻ، ننگر علي اعواڻ، قربان، علي بخش اعواڻ ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي چيو ته ڳوٺ اندر پنجاھ کان وڌيڪ گهر، روڊ، بجلي ،مٺي پاڻي سميت اسڪول  جهڙيون سهولتون نه هئڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ڳوٺاڻن جي چوڻ مطابق ته ڳوٺ شهر کان چار ڪلوميٽر پري هئڻ ڪري 150 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيوران به محروم آهن جڏهن ته آس پاس اسڪول جي سهولت نه هئڻ سبب ڳوٺ جا ڪجھ معصوم ٻارڙا ڏورانهن علائقن ڏانهن تعليم پرائڻ لاء وڃڻ لڳا هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته سنڌ جي اقتداري پارٽي جا ووٽر هئڻ باوجود به بنيادي سهولتن کان محروم آهيون ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي ڳوٺ اندر اسڪول ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته سهولتون نه مليون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.