جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد جيڪب آباد ڳڙهي خيرو روڊ تي جاڙا واهه وٽ پوليس وردي پهريل 6 ڄڻا ڳوٺاڻي عاشق کوسو کي چيڪنگ بهاني روڪي هٿ پير ٻڌي واهه ۾ ڦٽي ڪري جي ايل آءِ ڪار ماڊل 2010 موبائل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا، رستي وارن ڳوٺاڻي جا هٿ پير کوليا، اطلاع ملڻ تي کوسا برادري جي ماڻهن ڳڙهي خيرو جيڪب آباد روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون،  ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته پوليس وردي ۾ هٿياربندن اسان کان ڪار ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي آهي پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي روز جي وارداتن سبب سخت پريشان آهيون امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي جڏهن ته ايس ايڇ او مولاداد ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ علائقي جي سردار وٽ پهچي ان کان مظاهرين کي فون ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اشتياق پٺاڻ ٻڌايو ته جکراڻي، معرفاڻي ۽ چانڊيا ڏوهارين جو هڪ گينگ آهي جيڪو پوليس وردي پهري ڦر جي واردات ڪري رهيا آهن انهن جي نشاندهي ٿي آهي، انهن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي ڇاپا هڻي گرفتار ڪيا ويندا ۽ ڦر ٿيل ڪار واپس ڪرائي ڏني ويندي.