سانگهڙ (رپورٽر) پبلڪ هيلٿ جي ننڍن  ملازمن پبلڪ هيلٿ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري آفيسرن جي مبينا ڪرپشن خلاف نعريبازي ڪئي، پبلڪ هيلٿ جي تعلقي ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ سنجهورو جي واٽر سپلائي ۽ فلٽر پلانٽ جي ملازمن گلشير رند، راڻا انتظار، علي گل ڪوري، رضوان، مشتاق سومرو، احسان علي لنڊ، ميان بخش لنڊ، شفيق راجپوت ۽ ٻين چيو ته اسان کان ڊيوٽي ته سخت ورتي وڃي ته پر اسان کي وقت سر پگهار نٿي ڏني وڃي، گذريل 8 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري پريشان آهيون، هنن پبلڪ هيلٿ جي ايڪسئين تي الزام هڻندي چيو ته فلٽر پلانٽ ۽ واٽر سپلائي جي مرمت لاءِ آيل پيسا به هڙپ ڪري وڃي ٿو ، فلٽر پلانٽ کي هلائڻ لاءِ ڪم اسان پنهجي پيسن سان ڪندا آهيون پر  ان باوجود به اسان کي پگهار نه پئي ڏني  وڃي، هنن چيو ته سرڪار طرفان اسان جي پگهار 32000 هزار مقرر ڪيل آهي پر اسان کي 12000 پگهار مل رهي آهي جيڪا اٺ مهينا گذري ويا آهن نه ملي آهي، پگهار نه ملڻ ڪري وقت تمام ڏکيو گذري رهيو آهي، هنن پبلڪ هيلٿ جي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ پگهارون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.