ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ميٽرڪ جا امتحان شروع، هزارين شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ٿي سگهيا

0
23
ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ميٽرڪ جا امتحان شروع، هزارين شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ٿي سگهيا
ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ميٽرڪ جا امتحان شروع، هزارين شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ٿي سگهيا

 ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ميٽرڪ جا امتحان شروع ٿي رهيا آهن پر هزارين شاگردن کي ايڊمٽ ڪارڊ جاري نه ڪيا ويا آهن

ميٽرڪ بورڊ ٻاهران داخلا ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ شاگردن ۽ والدين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو. ڪيترائي شاگرد امتحاني فارم جمع ڪرائڻ لاءِ بورڊ آفيس ۾ به موجود آهن

شاگردن جو چوڻ آهي ته امتحان جا ايڊمٽ ڪارڊ ڏيڻ اسڪول ۽ بورڊ انتظاميا جي ذميواري آهي

ٻئي طرف ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايڊمٽ ڪارڊ جي فراهمي 30 اپريل کان جاري آهي، جن اسڪولن جا فارم آن لائين جمع ڪرايا اهي پرنٽ به آن لائن حاصل ڪري سگهن ٿا

ترجمان موجب اسڪول انتظاميا پنهنجي آءِ ڊي پاس ورڊ سان گڏ بورڊ آفيس مان پرنٽ آئوٽ به وٺي سگهي ٿي

 ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ امتحاني فارم جمع ڪرائڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جا فارم جمع نه ڪيا ويندا