سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ، دڪان، گودام، فليٽ ۽ آفيسون ٺاهڻ جو انڪشاف

0
31
سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ، دڪان، گودام، فليٽ ۽ آفيسون ٺاهڻ جو انڪشاف
سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ، دڪان، گودام، فليٽ ۽ آفيسون ٺاهڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ، دڪان، گودام، فليٽ ۽ آفيسون ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آءِ جي سنڌ پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ سڄي صوبي ۾ چار پيٽرول پمپ ۽ 1397 دڪان ٺاھڻ جي تصديق

تفصيل موجب ڪالھه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس ويلفيئر جي نالي تي ٿاڻن ۾ ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آھي ته سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ، دڪان، گودام، فليٽ ۽ آفيسون ٺاهيون ويون آهن، ڪياماڙي ضلعي ۾ هڪ پيٽرول پمپ ۽ 6 دڪان ٺاهيا ويا آھن، ڪراچي سٽي ۾ 304 دڪان، 66 فليٽ، 8 گودام ۽ 62 آفيسون تعمير ٿيل آهن

سينٽرل ضلعي ۾ 70 دڪان، ملير ۾ هڪ پيٽرول پمپ پوليس جي زمين تي قائم آھن، جڏھن ته حيدرآباد ۾ هڪ پيٽرول پمپ، 247 دڪان، 271 فليٽ، 29 گودام ۽ 100 آفيسون شامل آهن،  دادو ۾ 51 دڪان، بدين ۾ 4، ميرپورخاص ۾ 57 دڪان آهن،  نوابشاهه ۾ 169، سکر ۾ 117، خيرپور ۾ 121 دڪان قائم آھن، سنڌ پوليس کي ڏنل زمين تي سڄي صوبي ۾ 4 پيٽرول پمپ ۽ 1397 دڪان ٺاهيا ويا آھن

  رپورٽ موجب 338 فليٽ، 37 گودام ۽ 162 آفيسون تعمير ڪيون ويون آھن، جڏھن ته  سڄي صوبي ۾ 32 هنڌن تي تجارتي سرگرميون جاري آھن،  سينٽرل ضلعي ۾ 70 دڪانن تان 6.4 ملين رپيا ڪرائي جي مد ۾ جمع ٿيل آھن، سينٽرل ضلعي ۾ حاصل ٿيندڙ آمدني پوليس اهلڪارن جي فوري رليف لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ تدفين وغيرہ جو خرچ شامل آھي، جڏھن ته نارٿ ناظم آباد ٿاڻي جي زمين تي 1987ع ۾ 70 دڪان ٺاهيا ويا ھئا

واضح رهي ته دڪان خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ڏيڻ خلاف دڪاندارن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو، سپريم ڪورٽ سمورين ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي معاملي جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو