نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد کوکر ڳوٺ تي هٿياربندن حملو ڪيو ۽ راڪيٽ لانچر به فائر ڪيو،  راڪيٽ لانچر جو گولو ڳوٺاڻي حفيظ کوکر جي گهر تي ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل نادرا، 11 ورهين جو عبدالرزاق، 10ورھين جو مومن، 13ورهين جي سميرا ۽ 7ورهين جي تبسم کوکر کي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ گهر ڌڻي حفيظ کوکر کان تفصيل ورتا جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻي دانهون ڪندي چيو ته جيها – ڏاهاڻي قبائلي تڪرار بدامنيءَ جو وڏو سبب بڻيل آهن، پوليس جي ڪاڪردگي مان مطمئن نه آهيون، پوليس روايتي ڪارروائي ڪري واپس رواني ٿي وئي ۽ هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، ٻي طرف ايس ايچ او ڳڙهي خدابخش ڀٽو محمد مڱريو ٻڌايو ته واقعو ڪجهه ڏينهن پهريان ميرپور ڀٽو ۾ ڳوٺاڻن پاران ڏاهاڻي ذات جي ٻن ڏوهارين کي پڪڙي پوليس حوالي ڪرڻ واري واقعي جو تسلسل آهي. شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪيو آهي. گذريل رات به هٿياربندن ميرپور ڀٽو ۾ بکراڻي ڀٽن جي گهرن تي فائرنگ ڪئي هئي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڏاهاڻي ڌر جا ماڻهو ميرپور ڀٽو ۾ امير بخش ڀٽو ڏانهن ميڙ منٿ کڻي پهتا هئا جنهن بعد رات دير سان ٻيهر کوکر ڳوٺ تي حملو ڪيو ويو. هوڏانهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ کوکر ۾ هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري چار ٻارڙن سميت هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جو ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان رابطو ڪري حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو ته علائقي ۾ امن امان خراب ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، جلد حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.