ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جناح اسپتال ۾  شاگردن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، هڪٻئي تي ڏنڊن، پٿرن ۽ سرين سان حملو، 8 ڄڻا زخمي، ڪيس داخل، جناح اسپتال جي فوڊ ڪورٽ ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران هڪٻئي تي ڏنڊن، پٿرن ۽ سرين سان حملو ڪيو ويو، جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڏنڊا، پٿر ۽ سريا لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪيو، 2 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جهيڙو پي ايس ايف ۽ جمعيت جي شاگردن ۾ ٿيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن موجب مريضن جا تيماردار ۽ اسپتال عملو به زخمي ٿيو. صدر ٿاڻي تي محمد سليمان جي فرياد تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ عبدالرزاق گاڏهي، عارف بروهي، جاويد عمراڻي، ساجد عمراڻي، گلاب خان، علي گاڏهي، غلام حسين، عبدالحميد ، عمير اعواڻ، اسرار گاڏهي، نويد بلوچ، ثناالله جکراڻي، شفيق مزاري سميت 30 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو. فريادي موجب آئون ساٿين سان گڏ موجود هيس ته جوابدارن حملو ڪيو پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.