اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انساني حقن بابت رپورٽ رد ڪري ڇڏي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي رپورٽ غير منصفاڻي، غلط ڄاڻ تي ٻڌل ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي، ان کي واضح طور رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اهڙيون رپورٽون واضح طور تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪن ٿيون، ان ۾ غزا ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آهي، ڇا رپورٽ ۾ غزا جي صورتحال کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ سندس چوڻ هو ته پاڪستان عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي هٿي ڏيڻ لاءِ ثابت قدم آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتو ذميواري جو مظاهرو ڪري، سچ ڳالهائڻ جي اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.