ملير (رپورٽ: ناز شر ) ملير ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ لاءِ ايم ڊي اي جي ڪارروائي، فائرنگ، شيلنگ، لٺبازي، 100ڪچيون اڏاوتون ۽ جهوپڙيون پٽ، ايم ڊي اي جا 3 آفيسر زخمي، 10 گرفتار، ان ڏس ۾ گلشن حديد ويجهو واقع ملير ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ لاءِ ايم ڊي اي انتظاميه، روينيو عملي، اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جي وڏن اٽالن سان گڏجي ڳري مشنري ذريعي ڪارروائي ڪئي. ان موقعي تي ٽينٽ سٽي جي رهواسين احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، جنهن دوران پوليس ۽ متاثرين ۾ چڪريون پڻ ٿيون پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇر ڪرڻ لاءِ لٺبازي، آنسو گيس ۽ شيلنگ پڻ ڪئي وئي ، چڪرين دوران ايم ڊي اي جا 3 آفيسر ايگزيڪيوٽو انجنيئر سيد عارف حسين شاهه، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لائق احمد ۽ ذيشان احمد زخمي ٿي پيا، ان موقعي تي پوليس 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس آپريشن ڪري 100 کان وڌيڪ ڪچين اڏاوتن ۽ جهوپڙين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف  متاثرن دانهيندي  چيو ته ته اسان گذريل برساتن ۾ دربدر ٿي پنهنجو الهه تلهه وڃائي ڪراچي پهتاسين، سرڪار پاران اسان کي آسرو ڏنو ويو ته هتي روزگار ۽ اجهو ڏنو ويندو، هتي اجهو يا روزگار ڏيڻ بدران تشدد ڪري بي گهر ڪيو ويو، اسين هاڻ کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهيون. ٻئي طرف ايم ڊي اي چيف نجم الدين سهتو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ايم ڊي اي جي 12 ايڪڙ زمين تي قائم عارضي ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو، جنهن دوران چڪريون پڻ ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڊي اي جا 3 آفيسر زخمي ٿيا آهن،اسان  زمين تي قائم ڪچيون ۽ پڪيون جايون ختم ڪيون آهن.