نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ جنرل اليڪشن 2024ع جو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ٿيندو، تقريبن 12 رياستن جي 88 سيٽن تي ووٽنگ ٿيندي، اترپرديش، مهاراشترا، راجسٿان ۽ ٻين رياستن ۾  لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ تمام اهم اڳواڻ بيٺل آهن جن ۾ راهول گانڌي سرفهرست آهي، بالي ووڊ اداڪارا هيما مالني ۽ ٻيون مشهور شخصيتون انهن رياستن مان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، چونڊون 7 مرحلن ۾ پهرين جون تائين ٿينديون، نتيجن جو اعلان 4 جون تي ڪيو ويندو. هوڏانهن نريندر مودي وزيراعظم جو اميدوار آهي جنهن ڀارتي مسلمانن خلاف نفرت انگيز مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، مودي ڪانگريس جي منشور تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪانگريس هندو عورتن جا منگل سوتر به لاهي ٻهروپي مسلمانن کي ڏيڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي،  ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي مودي مٿان تنقيد چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري وڏو مسئلو آهي، پر ميڊيا خاموش آهي، رڳو مودي جا ڊراما ڏيکاريا وڃن ٿا، ميڊيا عوام جي ناهي، ميڊيا عوام جي ڳالهه نٿي ڪري.