اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي رياستي ادارن ۽ ان جي آفيشلز خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.   احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا فيئر ٽرائل بابت پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ عدالت ٽرائل دوران عدالت جي ڪمري ۾ رياستي ادارن ۽ ان جي آفيشلز جي خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو. جاري ڪيل حڪم نامي موجب الزام آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن جي عزت جوڳين شخصيتن جي خلاف سياسي، چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا جڏهن ته عدليه، پاڪ آرمي ۽ آرمي چيف جي حوالي سان به بيان عدالتي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي برابر آهن. اهڙا بيان انصاف جي  فراهمي واري عمل ۾ به رنڊڪ جو سبب بڻجندا آهن.  فيئر ٽرائل جي گهرجن جو خيال رکڻ عدالت جي ذميواري آهي. عدالت حڪم ڏنو ته جيل اختياريون جيل عدالت کي عيد کان اڳ جي پوزيشن تي بحال ڪري، جڏهن ته رياستي ادارا ۽ ان جي آفيشلز جي حوالي سان سياسي جوابدار، چڙ ڏيارڻ ۽ تڪراري بيان نه ڏيندا. ميڊيا  پنهنجي رپورٽنگ کي عدالتي پروسيڊنگ جي حد تائين محدود رکندو ۽ ٽرائل عدالتي ڪارروائي دوران جوابدارن جا بيان ميڊيا رپورٽ نه ڪندي. حڪم نامي ۾ لکيل آهي ته پراسيڪيوشن، جوابدار ۽ ان جا وڪيل ٻڌڻي دوران چڙ ڏياريندڙ سياسي ۽ تڪراري بيان نه ڏيندا جيڪو عدالتي ڪارروائي کي مجروح ڪري، فيملي ميمبرز ۽ ٻيا وڪيل صلاحڪار جيڪي ڪورٽ ۾ موجود هوندا آهن اهي به اهڙو بيان نه ڏيندا. عدالت حڪم ڏنو ته ميڊيا، سياسي، چڙ ڏياريندڙ بيان جيڪي رياستي ادارن ۽ ان جي آفيشلز کي ٽارگيٽ ڪندا هجن. اهي پبلش ڪرڻ کان پاسو ڪن، اهي آرڊر پيمرا گائيڊ لائين سان گڏ مشروط آهي جنهن تحت التوا هيٺ ڪيسز تي ڳالهيون ڪرڻ تي پابندي آهي ۽ پيمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب جوابدار جو سياسي بيان ليگل رپورٽنگ ۾ نٿو اچي.