انسانيت جي آزادي، برابري ۽ خوشحالي جو واحد رستو

0
34
انسانيت جي آزادي، برابري ۽ خوشحالي جو واحد رستو

 4 مئي 1886ع تي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مزدورن پاران هڙتال ۽ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو هو. ڪيترن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا هئا ته اسان جي ڪم جو وقت اٺ ڪلاڪ ڪيو وڃي، باقي اٺ ڪلاڪ اسان جي مرضي آهي ته اسان اهو وقت ڪيئن ٿا گذاريون. جيڪا ڳالھ ان وقت جي سرمائيدارن کي قبول ڪانه هئي. ان احتجاج دوران مزدورن جي پوليس سان جهڙپ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ چار مزدور ۽ ست پوليس عملدار مارجي ويا. تنهن کان پوءِ مزدورن جا مطالبا مڃيا ويا ۽ ان وقت جي مزدور يونين، سوشلسٽن، انارڪسٽن ۽ مزدور دوست تنظيمن پاران فيصلو ڪيو ويو ته هر سال پهرين مئي تي عام موڪل هوندي، جنهن ۾ مزدورن جي جدوجهد سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. هي پهريون اهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي پوري دنيا ۾ عام موڪل ٿيندي آهي پر ان ڏينهن تي به مزدور ۽ پورهيت موڪل نه ڪندا آهن. جيڪڏهن هو موڪل ڪندا ته کائيندا ڪٿان! ڇو ته اسان وٽ حڪومت طرفان ان ڏينهن تي مزدورن کي ڪوبه الائونس نه ڏنو ويندو آهي..!!

مان به هڪ پورهيت جي گهر ۾ اتفاقي طور ساڳي تاريخ تي پيدا ٿيس ۽ سڄي ڄمار پورهيتن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏمر جو اکين ڏٺو شاهد رهندو آيو آهيان. انڪري پورهيتن جي حقن جي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ منهنجو شعوري فيصلو هو، جنهن تي آئون اڄ تائين قائم آهيان ۽ ان کي انسانيت جي آزادي، برابري ۽ خوشحالي جو واحد رستو سمجهان ٿو. باقي سمورن نظرين کي آئون ان قابل نٿو سمجهان ته اهي ڪو انساني برابري ۽ پورهيتن جي خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، ڇو ته هن وقت تائين انسانيت جي آجپي لاءِ جيڪي به نظريا جڙيا آهن، چاهي اهي مذهبي بنيادن تي جڙيل هجن، قوم پرستي جي ڳالھ ڪندا هجن يا جمهوريت جا پوئلڳ هجن،

انهن ٽنهي نظرين ۾ پورهيتن جي فلاح ۽ بهبود جو ڪو نقطو شامل ڪونهي. رڳو لفاظي جي بنياد تي ته هو انسان دوست آهن پر عملي طور تي هو پنهنجي ئي مذهب ۽ قوم جي پورهيت طبقي سان حد درجي جون ناانصافيون ڪن ٿا. ايتري قدر جو انهن کي ٻه ويلا به ماني وڏي مشڪل سان ملي ٿي. هو پورهيتن جي حمايت ڪرڻ بجاءِ ان استحصالي طبقي جا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حمايتي رهيا آهن، جيڪي پورهيتن جو رت چوسين ٿا..! هڪ ئي مذهب فرقي ۽ قوم جا پئسي وارا، ڀلي پوءِ اهي سرمائيدار، جاگيردار، وڏيرا، پير يا مير هجن، اهي پنهنجن ئي مسڪين ماڻهن جي نڙيءَ تي لت ڏيئي پنهنجن ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچن ٿا. تنهنڪري آئون اهڙي ڪنهن به نظريي جو حمايتي نه آهيان، جيڪو پنهنجي پورهيتن سان ظلم ڪري رڳو پنهنجو اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪري ٿو..!!

پهرين مئي واري ڏينهن پورهيتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪيترن ئي دوستن فيس بوڪ تي پوسٽون رکي اهو فخر سان بيان پئي ڪيو ته هو پورهيت جو اولاد آهن..!! انهن دوستن کي عرض ڪجي ٿو ته منهنجا سائين! سنڌ جي نوي سيڪڙو موجوده آبادي سڌي يا اڻ سڌي طرح پورهيتن جو اولاد آهن پر انهن مان ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي جيڪڏهن ڪنهن حيلي وسيلي سان پڙهي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچن ٿا ۽ حرام حلال جي مسڪين مٿان ڪاتي وهائي پيسا ڪمائين ٿا ته پنهنجي ذات به مٽائي ٿا ڇڏين ۽ پنهنجي نسبت سنڌين بجاءِ عربن ۽ ايرانين سان ڳنڍي فخر محسوس ڪن ٿا.

جيڪي پنهنجي ذات کان بيزاري اختيار ڪندا هجن، اهي قوم ۽ پورهيتن سان ڪيترا سچا هوندا، ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي.! هو پنهنجي اصليت وساري ٿا ڇڏين ته هو پورهيتن جو اولاد آهن، انهن کي پورهيتن جي پاسي بيهڻ گهرجي پر هو انهن جي دشمنن سان گڏ ويٺل هوندا آهن. ان جو مثال اڄ ڪلھ جي حالتن مان صاف ظاهر آهي، جتي هاري کي ڪڻڪ جو ايترو به ملھ نٿو ملي، جو هن کي فصل تي ايندڙ خرچ جيتري رقم به ملي سگهي، فائدي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

ساڳي صورتحال مزدور سان آهي، جنھن جي سرڪاري طور تي اعلان ٿيل مهيني جي پگهار 35000 هزار روپيا آهي. هونئن ته ملڪ ۾ هلندڙ مهانگائي موجب اها پگهار ته مزدور کي هڪ ويلو ماني به نٿي کارائي سگهي ۽ ان ۾ پورهيتن کان اٺ ڪلاڪ ڪم وٺڻو آهي پر ان بجاءِ انهن کان ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو. پوءِ به اها سرڪاري اعلانيل پگهار انهن کي نٿي ڏني وڃي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اسان مسلمان ۽ سنڌي ھجڻ جي باوجود پنهنجي پورهيتن سان ڪيترا سچا آهيون ۽ انهن جو ڪيترو خيال رکون ٿا. ڪابه قوم پرست پارٽي، ڪابه مذهبي پارٽي توڻي جمهوريت پسند پارٽين ڪڏهن به ان نقطي تي ڪو احتجاج نه ڪيو آهي، بلڪه اسان جو هنن ڏانهن رويو اهڙو آهي، ڄڻ هو اسان جي سماج جو حصو ئي ناهن. حالانڪه اسان جيڪو کاڌو کائون ٿا، اهو به انهن جو پيدا ڪيل آهي. جيڪي ڪپڙا پهريون ٿا، اهي به انهن جا تيار ڪيل آهن.

جنهن گهر ۾ رهون ٿا، سو به انهن جو ٺاهيل آهي. جيڪو هنڌ بسترو استعمال ڪريون ٿا، اهو به انهن جو ٺاهيل آهي. جيڪي گاڏيون هلايون ٿا، سي به انهن جون ٺاهيل آهن ۽ جيڪڏهن اهي کري پون ٿيون ته به انهن کي ٺيڪ ڪرڻ وارا اهي پورهيت ئي آهن. جيڪڏهن پورهيت نه هجن ته سرنديءَ وارا هڪ ڏينهن به گذاري نه سگهندا. پوءِ به اسان جو انهن سان سلوڪ انتهائي بيرحمي ۽ ذلت وارو آهي. تنهنڪري هن ملڪ ۾ پورهيتن جي حالت انتهائي دردناڪ آهي. انهيءَ جو سبب اھو آھي جو نوي سيڪڙو پورهيتن جو سرنديءَ وارو اولاد پنهنجن پورهيتن جي پاسي بيهڻ بجاءِ هڪ سيڪڙو استحصالي قوتن جو بوٽ چٽو، چاپلوس، منافق ۽ لالچي ٿي پيو آهي.

ھو پورهيتن جو لفاظي جي حد تائين ته حمايتي آهي پر عملي طور هو پورهيت دشمنن جو سهڪاري آهي..! اهڙي ٻٽي دلالي معيار سبب سُکيءَ سنڌ جو پورهيت انتهائي ڏکي حالتن ۾ گذاري ٿو. جيڪڏهن نوي سيڪڙو پورهيتن جو اولاد پنهنجي اوقات سڃاڻي ۽ پورهيتن جي پاسي ڏانهن ٿي بيهي ته دنيا جي ڪابه طاقت پورهيت انقلاب جي آڏو رڪاوٽ بڻجي نٿي سگهي پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان ڍنڍ جي پکين وانگر ٻنهي پاسي هلڻ بجاءِ ڪنهن هڪ ڀر تي بيهڻ جو پاڻ ۾ ساهس ڌاريون ۽ پورهيتن جي جدوجهد ۾ شامل ٿيون..!