ڀارت جو امڪاني آئيندو

0
33
ڀارت جو امڪاني آئيندو

 سڀاڻي ڀارت ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي تعداد واري جمھوري چونڊ جو ٽيون ۽ تمام اھم مرحلو آھي. ستن مرحلن تائين سفر ڪندڙ ڀارتي چونڊ جو اھم ترين سوال اھو آھي ته ڇا ھڪ ارب کان مٿي انساني آباديءَ وارو پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ٽيون ڀيرو به ان نريندر موديءَ کي ملڪ جو پرڌان منتري ٺاھيندو؟ جنھن گانڌيءَ جي گيان تي ٺھيل ملڪ جي سيڪيولر سلسلي کي ڊاھي سر سر ڪري ڇڏيو آھي. ھن وقت ملڪ جو سرڪار مخالف پارٽيون عام سياستدان سان مقابلو نه پيون ڪن پر ھو ان انسان سان ميدان ۾ لٿيون آھن، جيڪو انڊيا جي اسٽيشنن تي چانھن وڪڻندي ھن مھل پنھنجي ديس جو سياسي ديوتا بڻجي چڪو آھي. جيتوڻيڪ گذريل چونڊ مھم دوران موديءَ پاران ڏيکاريل “سٺن ڏينھن” جا سياسي سپنا ساڀيان جو روپ نه وٺي سگھيا پر پوءِ به مودي ڀارت واسين جي لاءِ ھڪ سياسي نشو بڻجي ويو آھي. جڏھن ملڪي ميڊيا جا اھم ادارا يا عام ماڻھن جا يوٽيوب چينل چونڊ جي چرچا ڪندي ڀارت جي خلق کان اھو سوال پڇن ٿا ته، “اوھان ووٽ ڪنھن کي ڏيندا؟” تڏھن اڪثريت “مودي جي” جو نالو اچاري ٿي.

پاڪستان ۾ ته وڻ يا بجليءَ جي ٿنڀي جو تذڪرو ٿيندو آھي پر گذريل ڏينھن جڏھن ميڊيا جي ھڪ نمائندي ڀارت جي مھيلا يعني مائيءَ کان پڇا ڪئي ته اوھان ووٽ ڪھڙي پارٽيءَ کي ڪندا؟ تڏھن ھن جواب ۾ چيو ته جيڪڏھن بي جي پي ڪنھن ڪتي کي به ٽڪيٽ ڏني ته منھنجو ووٽ ان جو ھوندو. اھو شخص جنھن کي اسان جي ملڪ ۾ “گجرات جو ڪاسائي” قرار ڏنو ويندو آھي. جنھن سياسي اڀار ۾ اھم ترين ڪردار ان رياست جو سمجھيو وڃي ٿو، جنھن جو نالو گجرات آھي. اھا گجرات، جتي گانڌيءَ جنم ورتو ھو. اھا گجرات جنھن جي لاءِ اياز لکيو ھو:

”پايل آندي پارڪر، گيت ڏنا گجرات“

اھا گجرات، جنھن جي موسيقي، جنھن جو ڪلچر ۽ جنھن رنگ ڍنگ من ڀاوڪ آھي، ان گجرات مٿان اھڙو وقت به آيو، جو ان جي سياسي بطن مان ڄائو، اھو راڪشس، جنھن بابري مسجد ۽ رام مندر واري تڪرار جي راھ وٺي گجرات کي رت ۽ باھ جي ان درياھ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جنھن جي ھڪ جھلڪ قرت العين حيدر جي ناول ۾ موجود آھي. جڏھن اسان واري آڏواڻي رٿ ياترا شروع ڪئي ھئي، تڏھن جون حالتون اھڙو منظر پيش ڪري رھيون ھيون، جيڪو اسان ورھاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل ڪرشن چندر ۽ منٽوءَ جي افسانن ۾ پڙھيو ھو. جيڪو خشونت سنگھ “اي ٽرين ٽو پاڪستان” ۾ لکيو ھو. ڇا ڪو تصور به ڪري سگھي ٿو ته جنھن آزاد ڀارت مٿان گانڌيءَ، نھروءَ ۽ مولانا آزاد سيڪيولر سوچ جو پرچم ڦڙڪايو ھو، ان ڀارت ۾ آزاديءَ کان پوءِ انتھاپسنديءَ جا اڀ ڦاڙ نعرا ھڻي گھر ساڙيا ويندا. ماڻھن کي گھرن مان گھلي گھٽين ۾ ماريو ويندو. گھرن ۾ گھڙي عورتن جا ريپ ڪيا ويندا.

گجرات ھڪ رياست نه پر سيڪيولر ڀارت جو سياسي، سماجي ۽ اتھاسي گھاءُ آھي. ھونءَ ته ڀارت جون عام چونڊون گذريل مھيني جي 19 تاريخ کان شروع آھن ۽ ھن مھل تائين ارون چل پرديش، آسام، بھار، راجسٿان ۽ گوا جھڙن ماڳن تي ڪجھ معرڪا ٿي چڪا آھن پر سڀاڻي جو ڏينھن ڀارتي چونڊن جي حوالي سان ان ڪري اھم آھي، ڇو ته سڀاڻي گجرات ۾ سمورين سيٽن تي مقابلو ٿيندو. گجرات ۾ لوڪ سڀا جون 26 سيٽون آھن، انھن تي مقابلي جي سلسلي ۾ جيڪي فسادن ۽ تشدد جا امڪان آھن، انھن کي نظر ۾ رکي ڀارتي ميڊيا ساھ روڪي سوچي رھي آھي ته ڇا ھن ڀيري به مودي گجرات مان سوڀارو ٿي، سيڪيولر ڀارت کي ٽيون ڀيرو شڪست ڏيندو؟

ڀارت ۾ چونڊن جي حوالي سان سڀاڻي جو ڏينھن اھم آھي. جيتوڻيڪ گذريل ڏينھن ڪانگريس جي سوشل ميڊيا جو سربراھ ارون ريڊي گرفتار ٿي چڪو آھي. عام آدمي پارٽيءَ جو باني اڳواڻ ۽ دھليءَ جو چيف منسٽر ارويند ڪجريوال اڃان قيد ۾ آھي ۽ سوشل ميڊيا تي ھڪ چينل کان وڌيڪ شھرت رکندڙ راٺيءَ جھڙا ماڻھو رڙيون ڪري رھيا آھن ته بي جي پي ڀارت واسين جو برين واش ڪري رھي آھي. جڏھن ته بي بي سي جھڙو ادارو به ان موضوع تي اسٽوريز ڪري رھيو آھي ته ڀارت ۾ ھن ڀيري سوشل ميڊيا ذريعي آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڊيپ فيڪ کي استعمال ڪري سياسي گڙٻڙ ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ ڀارت ۾ سوشل ميڊيا جا پليٽ فارمز ملڪ جون مجموعي سياسي پارٽيون استعمال ڪن ٿيون پر انھن پارٽين مان ڪا به ڀارتيا جنتا پارٽيءَ جھڙي ناھي. بي جي پي انتھائي منظم ۽ تمام اعليٰ تياريءَ سان سوشل ميڊيا جو سمورو نيٽ ورڪ پنھنجي حمايت وڌائڻ ۾ استعمال ڪري رھي آھي ۽ ان سان گڏ ھوءَ پنھنجن مخالفن کي سختيءَ سان دٻائي به رھي آھي. ڀارت ۾ مودي حڪومت جھڙي طرح پوليس ۽ رياستي ادارن کي پنھنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رھي آھي، ان تي ڀارت جي سوچيندڙ طبقن ۾ تمام گھڻي تشويش آھي.

موديءَ جي مخالفت ۾ صرف ڪانگريس، عام آدمي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيون توڙي ملڪ جون آدي واسي ڌريون ئي ناھن پر ھن جي مٿان “ننڍڙين شين جو ڌڻي” جي ليکڪا ارون ڌتي راءِ، ملڪ جو مشھور ۽ سينئر صحافي ڪرن ٿاپر، عارفا خانم، ساگريڪا گوس ۽ نصيرالدين شاھ جھڙا دانشور اداڪار به سخت تنقيد ڪن ٿا. جڏھن ته شبانا اعظمي ۽ ھن جو گھر وارو جاويد اختر پنھنجي دلين ۾ طوفان سمائي چپن مٿان ماٺ جي اھا مھر ھڻي ويٺا آھن، جيڪا ڪڏھن ڪڏھن ٽٽي به پوندي آھي. پر ائين ناھي ته ڪو مودي جي حق ۾ مشھور ماڻھو ناھن. جيتوڻيڪ موديءَ کي انتھاپسند ھندو سوچ جي ڪري اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن وٽان سپورٽ نه ٿي ملي پر پوءِ به ھن کي انوپم کير، اڪشي ڪمار ۽ ھيما مالنيءَ جھڙن مشھور اداڪارن جي حمايت حاصل آھي. پر انھن جي حمايت کان وڌيڪ ھن لاءِ جيڪو عام ھندو ووٽر جو ساٿ حاصل آھي، اھوئي ھن جي ڪاميابيءَ جو اصل بنياد آھي. اھو عام ووٽر جنھن کي معلوم ناھي ته ھن دنيا جي اصل حقيقت ڇا آھي؟ جيڪو ھن دور ۾ به ويدن ۽ شاسترن جي جھونن خيالن ھٿان کنڀيل آھي. جنھن جي دماغ ۾ اھي وھم به وڌا ويا آھن ته سموري سائنس ڀارت ڀوميءَ مان اسري آھي. اھو عام ماڻھو جنھن جو دماغ انھن سوچن سان ڌوتو ويو آھي ته عام طور تي پوري دنيا ۽ خاص طور تي مسلمان ھندن کي ختم ڪرڻ چاھين ٿا ۽ انھن کي ھن دور ۾ ڪوئي بچائي سگھي ٿو ته اھو صرف ۽ صرف نريندر مودي آھي.

نريندر مودي پنھنجي انتھاپسند سوچ کي سگھارو ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سرمائيدارن کي پاڻ سان ٻٽ ڪيو آھي. ھن جھڙي طرح سياست ۽ سرمائي جي وچ واري سرحد کي پنھنجي خاص مفادن لاءِ ملياميٽ ڪيو آھي، ان سان ملڪ جون ٻيون پارٽيون سندس مقابلو ڪري نه ٿيون سگھن. ھن وٽ ھندو شائونزم جا ھٿڪنڊا ۽ اھا زھريلي سوچ آھي، جيڪا سرمائيدار ڪمپنين جي سھڪار سان عام ماڻھن جي ذھنن ۾ ڀرپور انداز سان ڀري وڃي ٿي. پر افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته ھن جي مقابلي ۾ جيڪو ڪردار ڪانگريس کي ادا ڪرڻ کپندو ھو، اھو اھا پارٽي ادا نه ڪري سگھي آھي، جنھن جي طويل تاريخ آھي. ان جو سبب صرف اھو ناھي ته مودي ھڪ مھا طوفان بڻجي اڀريو آھي. پر ان جو ڪل ڪارڻ اھو آھي ته جنھن ڪانگريس جي اھم عھدن تي ڪنھن وقت جواھر لال نھرو ۽ مولانا آزاد جھڙا جينئس ويٺل ھوندا ھئا، انھن عھدن تي ھن وقت اھڙا ڪردار براجمان آھن، جن کي ڏسي سياست جي زوال جي پوري پڪ اچي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ آنجھاني اندرا گانڌي به پنھنجي والد جي جتيءَ ۾ پير وجھڻ لائق نه ھئي پر پوءِ به ھوءَ وِھ جھڙا ويچار رکندڙ انتھاپسند ھندو سوچ کي سياست جي ميدان ۾ مات ڪرڻ جو فن ڄاڻندي ھئي پر ھن جي قتل ۽ ھن جي پٽن جي موت پڄاڻان اطالوي ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ سونيا گانڌيءَ کي ھمدرديءَ جو ووٽ ته حاصل ٿيو ۽ ڪجھ وقت من موھن سنگھ حڪومت به ڪئي پر سونيا اڄ به ڀارت کي ان طرح سان متاثر نه ڪري سگھي آھي، جنھن طرح سان ڪافي وقت کان وٺي ھن جو 55 سالن جو ڪنوارو پٽ راھل گانڌي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رھيو آھي. پر ھن مھل تائين ھو به سوڀارو ٿي نه سگھيو آھي. جيتوڻيڪ ھو سخت محنت ڪري رھيو آھي. ھن تازو “ڀارت ڪو جوڙو” جي نالي ۾ ملڪ جي ھر سرحد کان ٻي سرحد تائين پيدل مارچ به ڪيو پر پوءِ به ھو ان تعداد ۾ ھندستاني عوام پاڻ سان جوڙي نه سگھيو، جيڪو ھن جو اصل مشن ھو. ڀارت جي عوام کي راھل جي ڀيٽ ۾ ھن جي ڀيڻ پريانڪا وڌيڪ پسند آھي. پر ھوءَ ڏاڏيءَ جھڙا مھانڊا رکندڙ پريانڪا ان طرح سان سياست کي وقت نه ڏنو آھي، جنھن طرح سان ان ڪانگريس پارٽيءَ کي ضرورت آھي، جيڪا ھاڻي سياسي طور تي پوڙھي ٿي وئي آھي.

موديءَ جو مقابلو صرف ڪانگريس سان ناھي پر ھو پوري ڀارت جي مخالفن کي مات ڪندو رھيو آھي. ھن ڀيري ھن جو ڀاڳ کٽي ٿو يا نه؟ ان سوال جي سڳي کي ڀارت جي سوچ جنھن مالھا وانگر سوري رھي آھي، ان مالھا ۾ اھي موتي موجود ئي ناھن، جيڪي موديءَ جي ڀاڳ کي شڪست ڏئي سگھن. ان موديءَ جي مات ضروري آھي، جيڪو ڀارت جي سيڪيولر رياست کي ھڪ ڪمزور قلعي جي ڀت وانگر ڀوري رھيو آھي، جيڪو پنھنجي ملڪ جي عوام مٿان مسلسل پابنديون مڙھي، انھن جون آزاديون کسي رھيو آھي. جنھن ڪشمير کان نالي ماتر الڳ آئيني حيثيت به ڦري ورتي. جنھن آزاديءَ جو نعرو ھڻندڙ ھر ڌر کي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. جڏھن ته ڀارت 1600 ٻوليون ٻوليندڙ ۽ سوين قسم جا ڪلچر رکندڙ اھا ڌرتي آھي، جنھن کي مودي پنھنجي ھندو سوچ ۾ سوڙھو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. جيتوڻيڪ ارويند ڪجريوال جو ڪردار موديءَ کي سخت مقابلي جي للڪار پيش ڪري رھيو ھو پر ارويند ڪجريوال اڪيلو آھي. ھن وٽ اھڙي ٽيم به ناھي، جنھن جي سھاري ھو پوري ڀارت دھليءَ جھڙو موديءَ کي مات ڪندڙ ميدان بڻائي سگھي.

ڀارت ھن مھل اصولن جي اميري ترڪ ڪري جنھن مايا جي پويان پيو آھي، ان پوري ملڪ جو حشر سنڌ جي سنت شاعر ساميءَ جي ان سلوڪ جھڙو ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ۾ ھن چيو آھي:

”مايا ڀلائي، وڌا جيءَ جھان جا

غوطا نت کائي، اڻ ھوندي درياءَ ۾.“