اشو آف دي ڊي … سنڌ جو نوجوان اڳتي وڌي پيو يا تعليم پوئتي وڃي پئي؟ فيڊرل سروس ڪميشن نتيجن تي سوشل ميڊيا تي بحث

0
30

 فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب ميرٽ لسٽ ۾ سنڌ ٻهراڙي جي اميدوار جو 66هون ۽ شهري جو 116هون نمبر آيو آهي ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، سنڌ جي تعليمي معيار تي سوال اٿاريو ويو، تنقيد سان گڏ نوجوانن جي تعريف به ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سي ايس ايس جي نتيجن موجب سنڌ ٻهراڙي جو پهريون ڪامياب اميدوار پاڪستان سطح تي 66هين نمبر تي ۽ سنڌ شهري جو پهريون ڪامياب اميدوار 116هين نمبر تي آهي. بلوچستان جو پهريون ڪامياب اميدوار 23هين نمبر تي ۽ خيبر پختونخوا جو پهريون ڪامياب اميدوار 25هين نمبر تي آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ سڀني صوبن کان پٺتي آهي. البته سنڌ صوبي اندر ٻهراڙي جي شاگردن شهري شاگردن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. ملڪي سطح تي پهرين هڪ 100 ڪامياب اميدوارن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جا پنج اميدوار آهن پر سنڌ شهري جو هڪ به اميدوار شامل ناهي. جنهن تي عبدالقدير ميمڻ لکيو ته معلوم ڪيو ته اهو شهري نوجوان پڪ سان سنڌي ئي هوندو، مصطفيٰ کهاوڙ لکيو ته مطلب ڪوٽا نه هجي ته هڪ سيٽ نه ملي، سنڌ جي تعليم تباهه آهي، شهرن ۾ وري ٻار موبائل ۾ لڳي ويا آهن، ستار ڪنگراڻي لکيو ته شھري سنڌ جا نوجوان سي ايس ايس جي تياري نه ڪندا آھن ان جو اهم سبب شھري سنڌ کي روزگار جا ڪيئي موقعا ملن ۽ ڪجهه پڙھي لکي پرڏيه ۾ سيٽل ٿين ٿا، سي ايس ايس ٻھراڙي جو نوجوان ان ڪري ٿو ته ان وٽ سٺي زندگي جيئڻ جو اهو ئي واحد رستو هوندو آھي، ٻھراڙي ۾ سواءِ ٻني ٻاري جي ڪي به روزگار جا موقعا نه ٿا ملن، ان ڪري ٻھراڙي جو نوجوان سي ايس ايس ڪري ٿو، پر ٻھراڙي جو نوجوان به اهو جيڪي يا ته غريب يا مڊل ڪلاسي هوندو اهوئي سي ايس ايس ڪري ٿو، جمن لاڙ لکيو ته جڏھن کان بورڊ وڌيا آهن..تعليم جو معيار گهٽيو آهي سنڌ ۾…ڪاپي ڪلچر مان نڪتل نوجوان ميرٽ جي مقابلن ۾ هارائي ٿا وڃن… اڳتي نتيجا اڃان وڌيڪ خراب ايندا جيڪڏھن اسان هينئر کان ڪو قدم نه کنيو ته…فهد اسلم لکيو ته شهرن جي لائبريرين ۾ به ڏسندا ته گهڻائي ۾ ٻهراڙي جا شاگرد ئي وڃي پڙهن ٿا. شهر جي رهاڪن وٽ ايترو وقت ناهي. ٻهراڙين جا شاگرد شهري شاگردن کان وڌيڪ ڪامپيٽنٽ آهن. شهرين ۾ پ پ ايس.پي.ايس.سي نوڪرين لاءِ معاهدو ڪيو آهي جيڪو اڄڪلهه سامهون اچي پيو اهو هي ته سنڌ جي شهري علائقن مان گهڻين مارڪن ۽ وڌيڪ تعليمي قابليت هوندي به انهن جي سليڪشن ڪئي پئي وڃي سنڌي فقط ٻهراڙين وارا کڻو شهر جي ڪوٽا تي مڪمل اهي ڀرتي پيا ڪيا وڃن. جنهن سان شهرن ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن ۾ نا اميدي وڌندي پئي وڃي. محمد وسيم نوناري لکيو ته ڊوميسائل ٻهراڙي جو هوندو ۽ رهيو شهر ۾ هوندو، باقي اي سي ٿي ٻهراڙي جي لاءِ ڪجهه نه ڪندو، ظفرالله رند لکيو ته 2017ع ۾ 6 سنڌي ٽاپ 20 ۽ 3 سنڌي ٽاپ 10 ۾ هئا، نتيجا هر گذرندڙ سال سان گهٽبا ٿا وڃن انهي جو اهو مطلب ناهي ته سنڌي نا اهل آهن، عبدالسلام انصاري لکيو ته گهٽ تعليمي معيار جي ڪري اهڙا نتيجا اچن ٿا، علي محمد مگسي لکيو ته نوجوانن کي مايوس نه ٿيڻ گھرجي، مير شيراز لکيو ته منهنجي خيال سان شھري نوجوان بزنس ڪاروبار واري پاسي لاڙو وڌيڪ ڪرڻ لڳا آهن.. فدا بوزدار لکيو ته پنجاب ۾ انتھائي محنتي ۽ ملڪ جا وڏا به آهن ۽ واقعي اسان جي سنڌ تعليم جي ميدان ريورس گيئر به لڳايو آهي، ايڊووڪيٽ محبوب سومرو لکيو ته هي نوجوانن جو همٿائيندڙ قدم آهي، پر اڃا بهتري جي اميد آهي، ايم اي لغاري لکيو ته سنڌي نوجوان شھري نوجوانن کان گھڻو ھوشيار ۽ ذھين آھي، محمد هاشم جوکيو لکيو ته ٻنهي شهري سهولتن مان فائدو ورتو، ڊوميسائل شهري ۽ ٻهراڙي هوندو، انور پنجواڻي لکيو ته سماجي سسٽم ۾ اھڙا نمونا ٿيندا  ڏسڻو اھو آ ته ٻھڙاري جو شھري کان اڳتي وارو چڪر ڪجھه لين دين آ باقي سنڌ جو تعليمي نظام ڪيترا ٻار  ٻاھر آھن، ڪيترا اسڪول بند آھن، بس سنڌ جو گاڏو ھلي پيو ، آزاد لاشاري لکيو ته ھتان جا حڪمران ٻين صوبن ۾ وڃي چون ٿا ته جي ترقي ڪرڻي آ ته سنڌ کي ڪاپي ڪيو، منھنجي خيال ۾ سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر خلاف آگاھي مھم جي سخت ضرورت آهي. اسماعيل ٿيٻو لکيو ته منهنجو ذاتي خيال آهي ته ڪوٽا سسٽم جي نه هجي ته سنڌ ٻهراڙي جا اميدوار 75سيڪڙو سيٽون حاصل ڪري ويندا، نندلال لکيو ته سنڌ تعليم جي لحاظ کان پوئتي آهي نتيجا اهو ئي ٻڌائن پيا، پٺاڻن ۾ پڙهائي جو رجحان تمام گهڻو وڌيو آهي، اتي ڪاپي ڪلچر به ناهي، سيد سبحان علي رضوي لکيو ته جيئن ھاڻي واري بيوروڪريسي ڪرپشن ۽ نوڪر شاهي جي ڪري اسان لاءِ ناسور بڻيل آهي، ائين ئي ھاڻي پاس ٿيڻ وارن جا به ساڳيا پرڪار ھوندا. سانوڻ خاصخيلي لکيو ته تيرنھن ھزار اميدوارن مان 408 اميدوار پاس ٿيا آھن، خليل چانڊيو لکيو ته سبب، تعليمي ڪمزوري يا ٻيو ڪجھه؟ جاويد سومرو لکيو ته ٻيو ڪو فھم جنھن سان پسين پرين کي. الهڏنو ملاح لکيو ته سائين ڊوميسائل ٻھراڙي جو ھجي ۽ رھندڙ شھري ٿي سگھي ٿو.، سلام بلوچ لکيو ته افسوس آهي اسان وٽ اڃان سي ايس ايس قابليت جو ماپو سمجهي وڃي ٿو، محمد خالد ميمڻ، يونس مهر، مير محمد جوڻيجو، محمد سرواڻ ۽ ٻين به ردعمل ڏنو، اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سي ايس ايس پاس ڪندڙن ۾ سنڌ ٻهراڙي جو پهريون اميدوار ميرٽ لسٽ ۾ 66 ۽ سنڌ شهري جو 116 نمبر تي آهي وڌيڪ ڇا چئجي؟ ميرٽ لسٽ ۾ اسان پنجاب ته ڇڏيو پر بلوچستان، ڪي پي ۽ آزاد ڪشمير کان به هيٺ آهيون. جنهن تي اشو ٿاما لکيو ته سنڌ ٻھراڙي، سنڌ شھري!!! ڪابورو الهڏنو به ردعمل ڏنو، شاهد حسين لکيو ته ڪافي رورل سنڌ جا نوجوان گھٽ سيٽون ھجڻ جي ڪري ايلوڪيشن کان رھجي ويا آھن، اھا به ھڪ مثبت ڳالھه آھي، گذريل سال کان وٺي سنڌ ٻھراڙي ۾ پاس وڌيڪ پيا ٿين تنھنڪري ماضي جيان سنڌ رورل سيٽون خالي نٿيون رھن، جميل خواجه لکيو ته سنڌ جو نوجوان اڳتي وڌي پيو، زاهد حسين سوهو يونس ڍاڳا جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سي ايس ايس جا نتيجا شرمناڪ آهن، سنڌ ٻهراڙي جو پهريون نمبر 66 ۽ شهري جو 116هون آهي، نا اهل حڪمرانن سنڌ جي نوجوانن کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، بلوچستان، فاٽا، آزاد ڪشمير وارا به سنڌ کي ماري ويا آهن، پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان پوئتي ۽ سنڌ پاڪستان ۾ سڀ کان پوئتي آهي. امر خواجه لکيو ته ھن ڀيري سنڌ ميرٽ لسٽ ۾ اھو مزو نه ڪيو آھي…. علي حيدر قاضي لکيو ته اوپن ميرٽ ڪري ڇڏڻ گهرجي، اياز ڏاهري لکيو ته زبردست، سريش ڪمار ڀيل لکيو ته هيڊ ماسٽر واري ٽيسٽ ۾ ٻهراڙي ميرٽ 63.5 ۽ جڏهن ته شهري صرف 38 تي، اعجاز انڙ لکيو ته جيڪڏهن سنڌ جي بنيادي تعليم تي توجهه ڏني وڃي ۽ ڪوڙن ڊوميسائيلن جي رستا روڪ ٿئي ته سنڌ جو رزلٽ اڃا بهتر ٿي سگهي ٿو.. محمد نديم لکيو ته ميرٽ لسٽ ۾ سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جا اميدوار ڪواليفائيڊ آهن ان ۾ ڪيترائي ٻين صوبن جا اميدوار آهن جيڪي جعلي ڊوميسائل تي سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيا آهن سنڌ جي نوجوانن سان زيادتي آهي. آصف ڪنڀر لکيو ته اربن ڊوميسائل رکندڙن ۾ سي ايس ايس جو رجحان ٻھراڙي جي نسبت گھٽ آهي  ھو ٻين شعبن کي ترجيح ٿا ڏين، خاص طور ٻاھر ملڪن ڏانهن وڃڻ، عبيدالله ناريجو به ردعمل ڏنو، علي اصغر لکيو ته سنڌ جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ نوجوان اڪثر مڊل ڪلاس يا لوئر مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا جن جي پٺيان ڪير ناهي هوندو، انهن کي پنهنجي محنت سان اڳتي وڌڻو آهي، شهر ۾ سي ايس ايس ڪندڙ اڪثر نوجوان اپر ڪلاس سان تعلق رکندڙ آهن جن کي سموريون سهولتون حاصل هونديون آهن، انهن لاءِ بيشمار آپشنز آهن پر هڪ غريب وٽ صرف محنت جو رستو ئي آهي. راشد ٽالپر لکيو ته ٻھراڙيءَ صحيح آھي، احمد شاهد شر لکيو ته مطلب ٻھراڙي وارا هوشيار آهن، علي مراد چانگ لکيو ته هاڻ ته ٽيسٽ ٿي آهي.