اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيض آباد ڌرڻو ڪميشن رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڪنهن اداري يا شخص کي ڌرڻي جو ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو، ذريعن موجب رپورٽ اٽارني جنرل جي ذريعي ڇنڇر واري ڏينهن جمع ڪرائي وئي. فيض آباد ڌرڻو ڪميش ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ اڄ سومر 6 مئي تي ڪندي. ذريعن مطابق رپورٽ ۾ ڪميشن پاران ڪيل ڪاروائي جا تفصيل پڻ شامل آهن. ڪميشن سامهون جيڪي سياسي شخصيتون پيش ٿيون آهن انهن جا بيان به رپورٽ جو حصو آهن. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته رپورٽ ۾ ڪنهن اداري يا شخص کي ڌرڻي جو ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايس آءِ سميت سيڪيورٽي ادارا، وفاقي حڪومت جي هدايت تي ڪم ڪندا آهن، اُن وقت پنجاب ۾ حڪومت مظاهرين کي اسلام آباد اچڻ کان روڪيو. وفاقي حڪومت جي درخواست باوجود تحريڪ لبيڪ کي اسلام آباد اچڻ ڏنو ويو. پيمرا پاران ڪنهن ٽي وي چئنل کي بند نه ڪيو ويو. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن اڳوڻي آءِ جي سيد اختر علي شاهه جي صدارت ۾ قائم ٿي هئي، اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو سينيئر آفيسر خوشحال خان ڪميشن جا ميمبر هئا. ذريعن موجب، انڪوائري ڪميشن تحريڪ لبيڪ جي فيض آباد ڌرڻي سان جڙيل معاملن جو جائزو وٺي سفارشون تيار ڪيون،فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ 149 صفحن تي ٻڌل آهي