اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وزارت ۾ مستقل وزير ۽ سيڪريٽري مقرر نه ٿي سگهيو، ذريعن موجب حج اڏامون شروع ٿيڻ ۾ صرف چار ڏينهن رهجي ويا آهن. قرعه ندازي ۾ ناڪام پنج هزار 633 درخواستگذارن جي معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. ذريعن مطابق سعودي عرب کي ساڍا 19 هزار حج ڪوٽا واپس ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير اووسيز چوڌري سالڪ حسين کي 3 اپريل تي مذهبي معاملن واري وزارت جي اضافي چارج ڏني وئي هئي. سيڪريٽري مذهبي وزارت آفتاب اڪبر دراني کي گذريل سال 19 سيپٽمبر تي بدلي ڪيو ويو هو. جيڪو 6 مهينا بطور وفاقي گهرو سيڪريٽري خدمتون ادا ڪري رٽائرڊ به ٿي چڪو آهي، ايڊيشنل سيڪريٽري سيد عطاءُالرحمان کي 30 آڪٽوبر تي سيڪريٽري مذهبي وزارت جي اضافي چارج ڏني هئي هئي. 8 مهينا گذرڻ باوجود مستقل وزير توڙي سيڪريٽري مقرر ناهن ٿي سگهيا. ذريعن موجب هلندڙ سال تقريبن هڪ لک 50 هزار درخواستگذار حج لاءِ ويندا، ٻن سالن کان سعودي عرب کي حج ڪوٽا واپس ڪئي پئي وڃي. مستقبل ۾ به حج ڪوٽا واپس ڪئي ئي ته پاڪستان جي ڪوٽا گهٽجي سگهي ٿي.