عذابن ۾ رڳو ملڪي عوام ڇو؟

ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي اھو چوڻ بلڪل به غلط نه ٿيندو ته ملڪ ڪنهن به شعبي ۾ سڌاري ڏانهن سفر نه پيو ڪري، چاهي پوءِ اھو ملڪي سياسي وايو منڊل ھجي، عدالتي آزادي جو معاملو ھجي يا وري ملڪي ادارن جي ھڪ ٻئي جي حدن ۾ اجائي مداخلت وارو سوال ڇو نه ھجي پر معاملا صحيح رخ ۾ ڪٿي به ناهن، مطلب ته جنهن پاسي کڻي نظر ٿي ڪجي ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪو اميد جو ڪرڻو ئي نظر نٿو اچي، پر انهيءَ سموري صورتحال باوجود انهيءَ ساڳئي مسئلن سان ڀرپور ملڪ ۾ جتي ھڪ طرف معاشي عدم استحڪام ڪارڻ ملڪي عوام ته ٻه ويلا ڳڀو ٽڪر نه ملڻ ڪارڻ آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهي، ماڻهن کي ھي حڪمران ٻيون سھولتون ڏيڻ ته رھيو پنهنجي ماڳ پر ھي نااھل، ظالم حڪمران عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿي چڪا آهن. اھا ڪيڏي نه ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي جو ھن دور ۾ اسين صاف پاڻي بدران گٽرن وارو گندو زھريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيون پر ٻئي پاسي وري ساڳئي ملڪ جا اھي ئي حڪمران جيڪي پنهنجي عياشين ۾ مڌهوش آهن انهن کي ڪنهن ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي، تنھن ڪري ھتي سوال اھو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ ايترا مسئلا موجود آهن، آزادي واري پھرين ڏينهن کان وٺي اھو ٻڌندا پيا اچون ته ملڪ سدائين نازڪ صورتحال مان پيو گذري ته ڇا پوءِ اھا نازڪ صورتحال رڳو ملڪ جي غريب ماڻهن لاءِ آهي؟ اھو گٽرن وارو زھريلو پاڻي، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، پوليس جون ناانصافيون، اسڪولن کي تالابندي، بدامني جي ڀڙڪندڙ باھ، اھي سڀ عذاب رڳو ملڪ جي عام مسڪين ماروئڙن جي نصيب ۾ آهن؟ ڇا ملڪي حڪمران ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهو انهن مسئلن کان آجا آهن؟ انهن جو انهن مسئلن سان ڪو تعلق ڪونهي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ھي ٻٽو معيار ۽ ايڏي منافقي ڇو آهي؟ ملڪي اشرافيا جي عياشين، نااھلين ۽ غلطين جو بار ڀلا ملڪي عوام ڪيستائين کڻندو رھندو؟ ھجڻ ته ايئن گھرجي جو ھنن سمورن بحرانن جو ذميوار اھي ملڪي حڪمران ۽ اشرافيا به اوتروئي ھجڻ گھرجن جيترو ملڪ جو ھڪڙو عام غريب ماڻهو انهن کي ڀوڳي رھيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ھڪ عام فرد انهن مصيبتن کي منهن ڏئي پيو ساڳي ريت جڏهن ملڪي اشرافيا ۽ اھي بي حس حڪمران پڻ انھن عذابن کي منهن ڏين ته کين ملڪي عوام جي زندگي جو ڪو احساس ٿئي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

پهرين مئي، مزدورن جو عالمي ڏينھن!‎

جڏھن سرمائيدار طبقي مزدور طبقي کي ڪچلڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ معاشي طور ته مضبوط ھئا پر انھن کي جيترو وقت ڪم ڪن پيا انھن کي اوتري وقت جي مزدوري نه ڏني وڃي پئي، جنھن ڪري مزدورن جي بنيادي ضرورتون پوريون نه پيون ٿين، پورھيت الله جو دوست آھي، ھي تحريڪ پھرين مئي 1886ع شڪاگو جي شھر مارڪيٽ کان شروع ٿي، سرمائيدار طبقو مزدورن کان مزدوري جو گھڻو وقت ورتو ويندو ھو ۽ انھن کي اجورو تمام گھٽ ڏنو ويندو ھو. ھن سڄي تحريڪ ھلائڻ جو مقصد اھو ھو ته ھڪ ته مزدورن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انھن کي اجرت پوري ڏني وڃي، جڏھن ته سرمائيدار طبقو واپاري طبقو مزدورن کان گھڻو وقت ڪم وٺندو ھو ۽ مزدوري گھٽ ڏيندو ھو، ايئن جرمني ۾ 1933ع ۾ ليبر ڊي ملھايو ويو ۽ پاڪستان ۾ 1972ع ۾ سرڪاري طور سرڪاري موڪل جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ مزدورن جي لاءِ پاليسي ٺاھي وئي. پھرين مئي تي پوري دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملھائي مزدورن سان ٻڌيءَ جو اظهار ۽ گڏ ھجڻ ئي آھي. انساني حقن جون تنظيمون به ھن ڏينھن تي ريليون ڪڍي گڏ ھجڻ ۽ اجرت وڌائڻ لاءِ آواز بلند ڪن ٿيون، ڏٺو وڃي ته مزدورن جي زندگيءَ جو گذر سفر ئي مزدوري تي ڀاڙي ٿو، مزدورن وٽ ٻيو ڪو آمدنيءَ جو ذريعو نه آھي پر اڄ جي ھن مھانگائي جي دور ۾ مزدور طبقو پنھنجن ٻچن پالڻ ۾ پورو آھي. مزدور طبقو نه ته پنھنجي ٻچن کي صحيح طرح سان تعليم، صحت ۽ کاڌ خوراڪ ڏئي سگھي ٿو، بلڪل اھو بنيادي سھولتن کان به محروم آھي، جنھن نموني سان مهانگائي عروج تي آھي ايئن حڪومت به مزدور ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي اجرت کي به وڌائڻ گھرجي. حڪومت مزدورن کي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙن ملازمن جي اڌ جيتري به پگھار به نٿي ڏئي. مزدورن وٽ مزدوري لاءِ موقعا نه آھن، انهن وٽ مزدوري نه آھي، جيڪڏھن مزدوري آھي به ته اھا ھن مھانگائي جي حساب سان تمام گھٽ آھي. مزدور پورھيت طبقو گرم توڙي سرد موسم ۾ محنت مزدوري ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪري ٿو، ان کي پگھر سڪڻ کان پھريائين مزدوري ملڻ گھرجي پر ڪٿي ڪٿي ته سرمائيدار طبقي پاران مزدورن کي مزدوري نه ملڻ جا واقعا پيش ايندا آھن. پھرين مئي تي اسان مزدور طبقي کي سلام پيش ڪيون ٿا جيڪي ڏينھن رات محنت ڪن ٿا. مٿي تي تغاري کڻي وڏيون وڏيون جايون، پلازا ۽ روڊ رستا تيار ڪن ٿا، فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا. زمينن ۾ پوکائي ڪٽائي ڪن ٿا، مال متاع کي چارين پالين ٿا، ٻيلپو ڪن ٿا، انھن جو قدر ڪرڻ سرمائيدار، وڏيريڪي طبقي ۽ خاص ڪري حڪومت جو به اخلاقي فرض آھي ۽ انھن کي سوچڻ گھرجي ته انھن جي ٻچن جو گذر سفر ۽ زندگيءَ جو گاڏو ڪيئن ھلندو؟ ھن ڏينھن تي دنيا ۾ ۽ پاڪستان ۾ مزدورن جي اجرت کي وڌايو وڃي، انھن لاءِ خاص پيڪيج ھجڻ گھرجي.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو ماريل عوام!

ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، مھانگائي وارو جن بوتل کان ٻاھر نڪري آيو آهي، موجوده توڙي گذريل حڪومتن جي غلط پاليسن جي ڪري ملڪ اندر مھانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني عروج تي پھتل آهن، ڏھاڙيدار طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھي، وڌندڙ مھانگائي سبب بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني عروج تي پھتل آھن. چوڻي آھي ته بک تي سڀ کان پھريان ايمان لڙھندو، بک سڀني گناھن جي ماءُ آهي جنھن جا به ٻچا بک تي ھوندا اھو ڪجھ ڪري ويهندو. وڌندڙ مھانگائي بيروزگاري، بدحالي سبب ماڻھو آپگھات ڪري رھيا آھن، ڪي پنھنجا ٻچا وڪڻڻ جا ھوڪا ڏئي رھيا آھن، وقت جا حڪمران گونگا، ٻوڙا ۽ آءِ ايم ايف جي فرمائشون پوريون ڪري رھيا آھن. حڪمرانن ته بک جا قصا ۽ ڪھاڻيون صرف ڪتابن ۾ پڙھيون آھن، ھنن کي ڪھڙي خبر ته بک ڇا ھوندي آھي؟ منافعي خور بي لغام بڻيل آھن، واسطيدار ادارا اگھور ننڊ ستل آھن، تڏھن ته منافعي خور عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦري لٽي رھيا آھن. سڀ ادارا مھاڪرپٽ ماڻھن جي ھٿ وس آھن، سڀئي سور ڏک تڪليفون عوام جو مقدر بڻيل آھن، موجوده حڪومت کي اپيل آھي ته وڌندڙ مھانگائيءَ تي ضابطو آندو وڃي جيئن ڪنھن مسڪين جا ٻچا بکئي پيٽ نه سمھن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

جيئڻ وڏي جنگ آھي!‎

ڪي انسان بيابان جي رڻ ۾ ان اڪيلي وڻ جيان ھوندا آھن جيڪي جھڪن جھولن کي سر تي سھي، اونھاري جي لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ ٻين کي سڪون ڏيڻ لاءِ ڇانو مھيا ڪندا آھن جنھن جي ڇانو ۾ مسافر ويھي ٿڪ ڀڃندا آھن ۽ ڪجھ سور ويھي سليندا آھن ۽ ويندي وقت ان ئي وڻ جا ڪجھ پن يا ٽاري پٽي ڇڏيندا آھن يا ٿڙ کي رھڙو ڏئي پوءِ اڳتي پنھنجي منزل ڏي روانا ٿيندا آھن ۽ اھو وڻ ساعت ۾ سڀ ڪجھ سھندو آھي، بلڪل ايئن ئي ڪي انسان به پنھنجو سڀ ڪجھ ٻين لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آھن ۽ خاموشيءَ سان پنھنجو ڪم جاري رکندا آھن، سڀ خبر ھوندي به ڪڏھن پنھنجي زبان تي ڪونه آڻيندا آھن، انسان لاءِ جيئڻ ڪنھن جنگ کان گھٽ ڪونه آھي، ھر روز ڪنھن نه ڪنھن خواھش احساس خيال کي مارڻو ٿو پوي، صرف ٻين ڪاڻ جيئڻ  لاءِ، ڪڏھن والد پنھنجي اولاد جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪڏھن امڙ پنھنجي اولاد لاءِ، مڙس زال کي خوش ڪرڻ لاءِ، ڪڏھن وري زال مڙس جي حال تي ھلندي پنھنجي ارمانن جو قتل ڪري ٿي. ڪڏھن وري اولاد به پنھنجي والدين کي خوش رکڻ لاءِ پنھنجي زندگي جا سڀ فيصلا انھن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. مطلب ته زندگي ھر موڙ تي ڪنھن جنگ کان گھٽ ڪين آھي، جن مان ڪجھ ماڻھو پنھنجي زندگي ٻين جي منھن تي مرڪ ڏسڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آھن. پنھنجي لاءِ ته صرف خود غرض فرد ئي جيئندا آھن، جن جي اکين تي مفاد جا پردا چڙھيل ھوندا آھن جن آڏو رشتا ناتا سنگت ساٿ ڪابه معنيٰ ڪونه رکندا آھن، انھن کي ته صرف پنھنجي مطلب سان سروڪار ھوندو آھي پر اھي به اڳتي ھلي پڇتائيندا آھن جن جي ڪري ھو سڀني رشتن ناتن کان منھن موڙي ويندا آھن اھي به انھن سان ايئن ئي ڪندا آھن ۽ انھن وٽ سواءِ رسوائي جي ٻيو ڪجھ به نه بچندو آھي، حقيقي زندگي قربانيءَ جو نالو آھي، منھنجي نظر ۾ اھو شخص سڀ کان بھتر آھي جيڪو ٻين جي خوشي خاطر پنھنجو جيون ارپي ڇڏي ٿو، بغير ڪنھن لوڀ لالچ جي. مڃون ٿا ته اھو ڪم سولو ڪونھي ڪو، ھر وک تي ماڻھن جا طنزيه جملا سھڻا پوندا آھن. اٿندي ويھندي ماڻھن جي ميارن کي منھن ڏيڻو پوندو آھي پر پوءِ به دلي سڪون ته ھوندو آھي ته اسان پنھنجي لاءِ نه کڻي ٻين لاءِ ته ڪجھ ڪيون ٿا وڃون، اھڙن فردن کي سماج جا ڪي ٿورا باشعور فرد ئي سمجھي سگھندا آھن پر اڪثريت جي نظر ۾ ھو چريا چئبا آھن، تنھن ڪري جيئڻ ھڪ وڏي جنگ آھي جنھن ۾ ڪامياب ڪي ٿورا فرد ئي ٿيندا آھن، ڪنھن شاعر چواڻي ته: مرڻ ناھي مھڻو جيئڻ وڏي جنگ آهي!

محمد رضا خاصخيلي/ حسين آباد

آئيني بحران ۽ سياسي عدم استحڪام!‎

عدالتون مشڪري جون مرڪز ڪيئن ٿيون؟ ھڪ خاموش ۽ نه ملندڙ جواب آھي، کڻي چئجي ته عدالتون پنھنجي ساک اڻ سڌي طرح وڃائي ويٺيون آھن، جيڪا انتھائي ڳڻتيءَ جوڳي ۽ قابل فڪر جھڙي ڳالھ آھي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان خلاف جڏھن بي اعتمادي رٿ آندي وئي تڏھن کان آئيني بحران خراب شڪل اختيار ڪئي. بي اعتمادي رٿ جي چونڊ کان اڳ ڊپٽي اسيپڪر رولنگ زريعي رٿ کي عالمي سازش توڙي آمريڪي مداخلت قرار ڏنو، آچر جي ڏينھن عمومن عدالتون بند رھن ٿيون پر ان وقت جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رات جو ٻارنھن وڳي پاڻمرادا نوٽيس وٺي سپريم ڪورٽ پھتو جتي ڊپٽي اسپيڪر جي رولينگ کي غير آئيني قرار ڏيندي بي اعتمادي رٿ تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم صادر ڪيو. سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اليڪشن ڪرائڻ اسپيڪر جي آئيني ذميواري هئي پر اسد قيصر عھدي تان استيعفيٰ ڏئي ن ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق کي اليڪشن لاءِ چيو جيڪا بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي. حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڻ سڌي طرح ادارن کي سازش جو حصو سڏيو جنھن جي ڪري ملڪ ۾ اڃان وڌيڪ انتشار پيدا ٿيو. جنرل باجوا سميت ٻين کي مير صادق ۽ مير جعفر طور سڏيندو رھيو ۽ پڻ سائفر جو زڪر ڪيو. ٻئي پاسي ياد رھي ته تحريڪ انصاف صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون ھيون ۽ جڏھن ته آئين موجب اليڪشن 90 ڏينھن جي اندر ٿيڻي ھئي پر موجوده نظام آئين ٽوڙڻ جي ڪري اليڪشن مقرر وقت تي نه ڪرائي سگھي. 9 مئي واقعي جي جوابدارن خلاف ملٽري ٽرائل ھلندڙ آھن جڏھن ته ھن وقت تائين ڪو به جوڊيشل انڪوائري نه ٿي سگھي آھي، سياسي عدم برداشت ھئڻ سبب معاشي خسارو جنم ورتو جنھن جي ڪري غريب ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آھي. عدالتن ۽ ادارن کي گھرجي ته ملڪي بھتري لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن مھانگائي کي ٻنجو اچي ۽ سياسي ماحول سازگار ٿي سگھي.

فھد علي رستماڻي/ دادو

جيل جي

ڊائريءَ جا ورق!

صبح جو سوير ماسٽر دانش کي 4000 هزار رپيا ڏئي ڀائو بدر کي بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ روانو ڪري ٿو، منهنجو سنڌي ادب جو سرٽيفڪيٽ آڻڻ جي لاءِ ته جيئن منهنجي آزادي جلد کان جلد عمل ۾ اچي سگھي. ملاقات جو سڏ ٿئي ٿو، پيارو اسد علي مڪمل پيپر بُڪ کڻي اچي ٿو جيڪا ڀائو بدر منير جٽ جي هٿان جيلر شڪيل بيگ کي روانو ڪري ٿو ڇڏيان ته جيئن هو منهنجي ديٽ آف اريسٽ ڏسي منهنجي آزاديءَ جي تاريخ مون کي ٻڌائي ڇڏي. اسد علي ٻڌائ ٿو ته گھر ۾ منهنجو انتظار بي صبريءَ سان ٿي رهيو آهي، هن مونا جي ايس ايم ايس جو تذڪرو به ڪيو، جيڪا مون لاءِ دعاگو آهي. ناصر ڪاظميءَ جي شاعريءَ تي تمام گڻي ڪچهري ٿئي ٿي. شام جو دير سان ماسٽر دانش کوليءَ تي منهنجا سرٽيفڪيٽس وغيره کڻي ٿو اچي. جنهن سان گڏ جي چانهه جو دور هلايون ٿا، شيو وغيره مريءَ کان سيٽ ڪرايان ٿو، عارف صاحب کي گھرائي ڪورنگ ليٽر جي گھُر ڪيان ٿو جيڪو چئي ٿو ته سڀاڻي توهان کي ملي ويندو. ڪالف، بائسپس ۽ ڄنگھن جي ورزش ڪريون ٿا. دير تائين منهنجا ساٿي سيڪس جي موضوع تي ڪچهري ڪندا ٿا رهن پر آئون بار بار گليميٽ ٻڌندو ٿو رهان، منهنجا ڪتاب منهنجي ڀرسان چمڪندا ٿا رهن. (06 فيبروري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد

دُشمني ڪنھنجي چڳي ناھي!

اسان هميشه ڏٺو آھي ته دُشمني واري ماڻھوءَ کي سڪون نه هوندو آھي پر ڪجھ ماڻھو دُشمني ۾ رھندي پنھنجي زبان کي استعمال ڪرڻ جو ناهن سوچيندا، اسان ڪهڙي جاءِ تي ويٺا آھيون پر جيڪو زبان تي آيو ڳالھيايوسين بعد ۾ پڃتائڻ کان سواءِ ڪُجھ ھٿ نه ايندو آھي. پهرين ڳالھ اها ته دُنيا تمام تيز ۽ منافق ٿي وئي آھي، ڀرسان ويٺل ماڻھو جي خبر نٿو پوي ته دوست آھي يا دُشمن! ڇو ته منافق ماڻھو جي خبر نه پوندو آھي، جڏھن ته توهان جي ڪنھن سان دُشمني ٿئي ته سڀ کان پهريان توهان پنھنجي پراڻن دوستن سان ملڻ ختم ڪريو، ڇو ته جيڪو توهان کي نقصان ٿيندو اُتان ٿيندو، دشمن هر چالبازي ڪندو، پراڻن دوستن مان ڪجھ دوست ضرور منافق ھوندا جيڪي توهان کي پنھنجي هٿن سان مارائيندا، توهان ڏٺو دُنيا ۾ ڪيترا قاتل دوست هوندا آھن. مون کي خبر آھي ته منافق چوندا منهنجي دوستي ايئن آھي، هونئن آھي، مڃان ٿو پر دور درو جو فرق آھي. دُشمني دوران توهان کي دوستن سان لاتعلقي رکو، حتي انھن کي اها به خبر نه هُجي توهان گهر ۾ آھيو ھن وقت يا ٻئي جڳھ تي، ٻئي نمبر تي جڏھن به گهر کان نڪرو ته پنھنجي گهروارن کي به ڀلي نه ٻڌايو توهان انھن سان رابطي ۾ رهو پر لوڪيشن انھن سان شيئر ڪجو؟ ڇو ته توهان جي گهر وارا توهان جا دُشمن نه آھن، جيڪي توهان جا منافق مائٽ هوندا آھن دُشمن انھن کي به توهان لاءِ استمعال ڪندا آھن، ڇو ته ھاڻي دُشمن کي توهان جي لوڪيشن جي خبر نه ھوندي، توهان جي مائٽ کي استمعال ڪري چوندو ڄاڻ وٺي ڏي محمد صديق کوسو ڪاڏي ويو؟ پوءِ مائٽ ظاھري ڳالھ آهي منھنجي گهر ۾ ڄاڻ وٺندا، فون تي يا روبرو گهر اچي، جيڪڏھن منھنجي ڪٽنب کي مون بابت خبر ھوندي، چوندو ٺُل ويو آھي يا ڳڙھي حسن، جي انھن کي اسين نه ٻڌائينداسين ته چوندا ته اسان کي ٻڌائي نه ويو آهي، خبر ناھي باهو کوسو ويو آهي يا ڪريم بخش کوسو، پوءِ مائٽ به پريشان رھندا، خدارا توهان پنھنجي زبان کي هميشه سوچي سمجهي استعمال ڪريو، ڀلي توهان اڳيان سڳو ڀاءُ ڇو نه ويٺو هجي، ان کي به دشمن ٿيڻ ۾ وقت نه لڳندو آھي.

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

السلام ڪوٽ تعلقي جي لاوارث يوسي ٻھارڙي!‎

رڃن ۾ رڙ  ٿي، ڄڻ ڪو سارنگي ساز،

ھي عشق جو آواز، جو ماڻھو رکن منڌ تي! (شاھ)

ھونئن ته زندگي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو ٺاھيل شربت آهي جنهن ۾ سکن جو مقدار کنڊ جيترو آهي زندگي ناڪامين جو ڏيکاءُ ته آهي پر لاڳيتو جدوجهدن کان پوءِ مليل ڪامياب نتيجن جو نانءُ به آهي .سقراط چوي ٿو ته جھالت/ لاعلمي انساني وڏي ۾ وڏي بيماري آهي، جڏهن ته مارڪس چوي ٿو ته انساني استحصال سڀني براين جي پاڙ آهي. ھونئن ته سڄي سنڌ تي ڏکن جي رات برپا آهي، مظلوم ۽ پورھيت طبقو جبر جو شڪار آ، ايئن ئي سنڌ جو ٿرپارڪر ضلعو زندگي جي سکن کان محروم آهي. ٿرپارڪر جو اسلام ڪوٽ تعلقو جنهن ۾ لاوارث يوسي ٻھارڙي جيڪا بنيادي سھولتن کان وانجھيل آهي، يوسي ٻھارڙي ھڪ پاسي جھالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ته ٻئي پاسي يوسي جي مظلوم عوام جو استحصال سرمايو رکندڙ ماڻهو ايئن پيا ڪندا اچن جيئن وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کاڄ بڻائينديون آهن، پاڻ ايئن ئي کائبا رھنداسين جيستائين ننڊ مان نه اٿنداسين. نوجوان ساٿيو! يوسي ٻھارڙي چاليهه ڳوٺن تي ٻڌل اسلام ڪوٽ جي وڏي ۾ وڏي يوسي آهي، جنهن جا مسئلا به اوترا وڏا آهن. ھتي تعليم جون سھولتون تر جيتريون آهن، پوري يوسي ۾ ھاءِ اسڪول ناھي، گرلس اسڪول جو ته نالو ئي ناھي، صحت جي سھولت ٺپ ناهي، روڊ ناهن، ته بجلي پوري يوسي ۾ پري پري ناهي، ھتي نيٽورڪ جو به اھم مسئلو آهي، سالٽ مل مالڪن جون ڏاڍايون ختم ناهن ٿيون، مڙھن جي وڻن جي ڪٽائي جو سلسلو جاري آهي، انهن سيمن ساھ کڻندڙ جيوت به روز موت جو شڪار ٿي رھي آهي. غريب گگرال سان به ويڌن آهي، ٺراين جا اڏا پنهنجي نسل تباهه ڪري رھيا آهن، يوسي ۾ امن جو پکي اڏامي ويو آهي، بدامني ۽ انتھاپسندي وڌي وئي آهي، يوسي ٻھارڙي وينٽيليٽر تي آهي آخري پساھن ۾ آهي، نوجوانو اٿو سجاڳ ٿيو، ڊپ واري زندگي به ڪا زندگي آ؟

اُٿون ته شينهن ٿي اُٿون، هلون ته بس هليا هلون،

وڌون ته واءُ ٿي وڌون، ڪري نه ڪو سگهي جهلون،

۽ ظالمن جي جسم تان، ڇڪي ئي لاهبيون کَلون،

گهڻائي ڏينهن اُنهن ڪيا، اسان سان ڪوڙ اٽڪلون،

اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!

وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!

(سرويچ سجاولي)

دولت راءِ دراوڙ/ ٿرپارڪر،ڳوٺ گوگاويري

تعليم کاتي جي ڪامورن جي رحم و ڪرم تي اسڪول!‎

يونين ڪائونسل پير فتح شاھ تعلقي بدين جي گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول لال بخش نوتڪاڻي علائقي جو تمام پراڻو اسڪول آهي. اسڪول ڏسڻ کان پوءِ اهو احساس ٿيو ته اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ تعليم کاتي جا ڪامورا تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻون ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اسڪول جي عمارت انتهائي خسته حاليءَ جو شڪار آهي، اسڪول جو هڪ پورشن جيڪو 90ع واري دور جو ٺهيل آهي، انهيءَ جي ڇت مڪمل طرح ختم آهي، جنهن لاءِ ڳوٺاڻن جي مدد سان عارضي شيٽون لڳائي ڪم کي هلايو پيو وڃي. اسڪول جو ٻيو حصو جيڪو 2021ع ۾ ٺهيو آهي ان جي به ڪا بهتر صورتحال ناهي، ڪميشن سسٽم جو شڪار ٿيل اسان جو نظام ڪا ڪواليٽي واري شيءِ ڏيڻ کان قاصر آهي، ان بلاڪ ۾ بجلي جو ڪو ڪم نه ڪيو ويو آهي ايئن چئجي ته ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي منظر تان غائب ٿي ويو آهي. ڪلاس رومز ۾ پکا لڳل ناهن، جنهن ڪري استاد ۽ شاگرد سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا. اسڪول ۾ هڪ واشروم ايل ايڇ ڊي پي وارن تعمير ڪرائي ڏنو آهي. هن اسڪول ۾ 300 کان مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن، جن مان اڪثريت غريب خاندانن سان واسطو رکن ٿا. اسڪول ۾ ڪل يارنهن استاد آهن، جن مان پنج فيميل استاد آهن، جيڪي بدين شهر کان ريگيولر هن ڏورانهين اسڪول تي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ اچن ٿيون، هي فيميل استاد انتهائي محنتي، ڪميٽڊ ۽ بهترين ڪواليفائيڊ آهن، هي استاد پنهنجي پگهار جو چڱو موچارو حصو ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪن ٿيون، سرڪار کي گهرجي ته ڏورانهن علائقن ۾ پڙهائيندڙ اهڙن استادن کي ٽرانسپورٽ الائونس ڏنو وڃي، هي اسڪول سرڪار جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، اسڪول کي صحيح طريقي سان مرمت ڪري شاگردن ۽ استادن جي زندگين کي خطري مان ٻاهر ڪڍي وڃي.

جبار حبيباڻي/ علي ٽائون، بدين